ميھڙ(ن پ ا) ميهڙ قومپرست اڳواڻ ۽ صحافي   ڪامريڊ انور کوکر پنهنجي زخمي پيرسن  امڙ سان گڏجي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته جوابدارن ارشاد جوڳرو، شاهنواز ملاح ۽ ٻين منهنجي جڳهه تي قبضو ڪري ويٺا آهن ۔ جوابدارن منهنجي گهر تي حملو ڪري منهنجي امڙ تي تشدد ڪيو جنهن جي ڪيس ۾ عدالت جوابدارن جي ضمانت رد ڪري ڇڏي آهي جوابدار ڌمڪيون پيا ڏين. هن وس وارن کان مطالبو ڪيو ته جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪري مون سان انصاف ڪيو وڃي.