ميھڙ (ن پ ا) ميھڙ جي منصور ڪالوني، فردوس ڪالوني سميت سموري شھر ۾ سخت گرمي دوران بجلي بندش سبب پيئڻ جي پاڻي جي سخت کوٽ پيدا ٿي وئي آهي، واٽر سپلاءِ  اسڪيم جي وارا بندي، سي ايم او ۽ پبلڪ ھيلٿ خلاف عوامي تحريڪ پاران وڪيل نجيب مھيسر ، وڪيل ذوالفقار چانڊيو ، وڪيل منصور چانڊيو ، امتياز  سيال، وڪيل امتياز مھيسر ، رستم سرگاڻي ،شبير کوسو،  ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، احتجاج ڪندڙ اڳواڻن جو چوڻ هو ته سخت گرمي ۾ شهري پيئڻ جي پاڻي کان محروم بڻيل آهيون،  ڪير به دانهن ٻڌڻ وارو ناهي، هنن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي پاڻي فراهم ڪيو وڃي.