ميهڙ: ٻيٽو جتوئي ۾ قتل نوجوان جو ڪيس وارثن بدران سرڪار جي مدعيت ۾ داخل

0
166
ميهڙ: ٻيٽو جتوئي ۾ قتل نوجوان جو ڪيس وارثن بدران سرڪار جي مدعيت ۾ داخل
ميهڙ: ٻيٽو جتوئي ۾ قتل نوجوان جو ڪيس وارثن بدران سرڪار جي مدعيت ۾ داخل

ميهڙ ويجهو ٻيٽو جتوئي ۾ 2 ڏينهن اڳ قتل ٿيل غلام سرور چانڊيو جو ڪيس وارثن بدران سرڪار جي مدعيت ۾ داخل ڪيو ويو آهي

وارثن قتل ڪيس جي ايف آءِ آر ۾ اڳوڻي صوبائي وزير نادر مگسي جو نالو شامل ڪرڻ جو مطالبو ڪيو هو

پوليس وارثن بدران اي ايس آءِ سيد علي اڪبر شاهه جي مدعيت ۾ قتل ڪيس داخل ڪري ورتو، ڪيس ۾ علي مردان عرف جبل مگسي، سڪندر مگسي ۽ انور مگسي نامزد آهن

وارثن پاران مير نادر مگسي ۽ ٻين خلاف ڪيس داخل ڪرائڻ لاءِ لاش سوڌو ڌرڻو به هنيو ويو هو

غلام سرور چانڊيو کي 2 ڏينهن اڳ ٻيٽو جتوئي ويجهو هٿياربندن گوليون هڻي قتل ڪيو هو، اڳوڻي صوبائي وزير نادر مگسي جو چوڻ آهي ته غلام سرور چانڊيو جي قتل سان سندس ڪو به تعلق نه آهي

هي به پڙهندا

ميهڙ ويجهو اڻڄاتل هٿياربندن جي فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو قتل