نئون ديرو (ن پ ا) ميهڙ ڀرسان ڳوٺ شير محمد خاصخيلي جي رهواسڻ سويرا خاصخيلي مڙس فراز خاصخيلي سان گهران نڪري عدالت ۾  پسند جو پرڻو ڪري ڇڏيو، ڪوڙو ڪيس داخل ڪرڻ خلاف جوڙي نئون ديرو پريس ڪلب پهچي احتجاج ڪيو، سويرا خاصخيلي چيو ته مخالفن پوليس سان گڏجي گهر تي حملو ڪري مڙس جي ٻن مائٽن کي کنڀي گم ڪري ڇڏيو آهي، حملي ۾ گوليون لڳڻ سبب بشير زخمي ٿي پيو، کيس اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي، هن چيو ته مرضيءَ سان گهران نڪري فراز سان پسند جي شادي ڪئي آهي، جنهن تي مائٽ ڪاوڙجي ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن، حيدر، احمد، صدام، ماستر اصغر، ذوالفقار ۽ لعل بخش مان جان کي خطرو آهي، جوڙي اپيل ڪئي ته تحفظ ڏئي زندگي بچائي وڃي.