ميھڙ(رپورٽ: عبدالرحمان قمبراڻي) ميهڙ واسي نوجوان پنجاب ۾ پوليس تحويل ۾ فوت، تشدد ڪري مارڻ جو الزام، لاش رکي ڌرڻو، ڳوٺ ٻانڌي جو رهواسي 35 ورھين جو نوجوان عبدالحميد پٽ ولي محمد چانڊيو پنجاب پوليس جي تحويل ۾ فوت ٿي ويو، جنهن جو لاش ميهڙ آندو ويو، فوتي نوجوان جي وارثن پنجاب پوليس تي نوجوان کي تشدد ڪري مارڻ جو الزام هڻندي نيشنل پريس ڪلب ميهڙ آڏو لاش رکي احتجاجي مظاھرو ڪري ڌرڻو هنيو. فوتي نوجوان جي ڀائرن سردار چانڊيو، عبدالعزيز چانڊيو ۽ ٻين ٻڌايو ته اسان جو ڀاءِ شهدادڪوٽ ۾ رهندو هيو 3 مهينا اڳ اسان کي اطلاع مليو ته رحيم يار خان پوليس ۽ ڪجهه خانگي ڪپڙن ۾ ملوث ماڻهو اسان جي ڀاءِ کي کڻي ويا آهن،  رحيم يار خان ٿاڻي تي وياسين ته  ڀاءُ  پوليس لاڪپ ۾ هيو، پوليس ٻڌايو ته  ڪيس جي جاچ هلي رهي آهي ان ۾ شڪي جوابدار طور گرفتار ڪيو آهي. هنن چيو ته ٿاڻي ٻاهران بااثرن   چوڌري مظفر ، چوڌري مدثر ورن اسان کان 50 لک رپيا رشوت گهري ۽ چيو ته ته پئسا ڏيو نوجوان وٺي وڃو، پئسا نه ڏيڻ تي ڪوڙِي ڪيس ۾ نوجوان کي ڦاسايو ويو، بعد ۾  فون آئي ته اوهان جو ماڻهو بيماري ۾ فوت ٿي ويو آهي. ھنن الزام هنيو ته  نوجوان کي پوليس تحويل ۾ تشدد ڪري ماريو ويو آهي، جاچ ڪرائي انصاف ڪيو وڃي.