ميرپور ٻرڙو (ن پ ا)ڳوٺ محمد رمضان ٻرڙو ۾ مامن ۽ ڀاڻيجن وچ ۾ ڪارنھن معاملي تان فائرنگ ڪئي وئي، مامن پنھنجي ڀاڻيج سرمد ٻرڙو مٿان ڪارنهن جو الزام مڙهي گهر مٿان هوائي فائرنگ ڪري موت مار ڌمڪيون ڏيئي فرار ٿي ويا. اهڙي عمل خلاف ڀاڻيجن سرمد ٻرڙو، مظلوم ٻرڙو ۽ زبير ٻرڙو ۽ سندس گهر ڀاتين احتجاجي مظاهرو ڪيو، ان موقعي تي احتجاج ڪندڙن صحافين اڳيان دانهيندي چيو ته اسان جي مامن محمد علي ٻرڙو، غلام ياسين ٻرڙو ۽ ٻين اسان جي ڀاءُ سرمد ٻرڙو مٿان ڪوڙو الزام مڙهيو آهي جيڪو سراسر غلط آهي، هنن چيو ته اسان جي ڀاءُ کي جنهن نينگري سان ڏوهي قرار ڏنو ويو آهي، تنھن نينگري جي عمر 14 ورھيه آهي. هنن چيو ته اسان جي مامن اسان جي گهرن مٿان فائرنگ ڪئي آھي ۽ اسان کي موت مار ڌمڪيون ڏيئي رھيا آھن، هنن انتظاميا کي اپيل ڪندي چيو ته اھڙي واقعي جو نوٽيس وٺي اسان کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي، ھوڏانھن ايس ايڇ او ميرپور رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته اسان کي اھڙي واقعي جي ڪابه خبر ناهي ۽ نه ئي ڪا ڌر ٿاڻي تي پھتي آھي.