ميرپور ٻرڙو ڀرسان اسپتال ۾ آڪسيجن نه ملڻ ڪري ٻارڙي فوت

0
260

ميرپور ٻرڙو(ن پ ا) ميرپور ٻرڙو جي ڳوٺ صدورو ٻرڙو ۾ مقامي اسپتال ۾ گئس جي سهولت نه هجڻ تي ٽي ڏينهن اڳ ڄاول ٻارڙي فوت ٿي وئي، سندس امڙ کي بيهوشي جا دورا پوڻ لڳا.

وارثن جو چوڻ آهي ته ٻارڙي کي رورل هيلٿ سينٽر ميرپور ٻرڙو کڻائي پهتاسين، جتي آڪسيجن گئس جي سهولت نه هجڻ تي ٻارڙي کي جيڪب آباد نيو ويو.

جمس اسپتال جيڪب آباد ۾ به سهولت نه هجڻ تي ٻارڙي کي وارث شڪارپور کڻي وڃي رهيا هئا ته ٻارڙي رستي ۾  دم ڏئي ڇڏيو.

ٻئي پاسي رورل هيلٿ سينٽر ميرپور ٻرڙو انتظاميا جو چوڻ آهي ته اسان وٽ اهڙو ڪيس ناهي آيو، بي بينياد الزام هنيو پيو وڃي.