ميرپورخاص(بيورو رپورٽ) ميرپورخاص جي اسٽيشن واري علائقي مان لا وارث معصوم نينگر بيھوشي واري حالت ۾ ھٿ  آيو، جنهن جي اطلاع تي ٽائون پوليس پھچي معصوم نينگر کي سول اسپتال منتقل ڪيو، جتي سندس علاج ھلندڙ ھو، آخري اطلاع ملڻ تائين سندس ڪو به وارث نه پھتو ۽ نه وري سندس سڃاڻپ ٿي سگهي ھئي ٽائون ٿاڻي جي ايس ايڇ او سان رابطو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر ھن فون اٽينڊ نه ڪيو.