ميرپورخاص (بيورورپورٽ) ميرپور خاص پوليس اغوا ۽ ڦر جي وارداتن ۾ ملوث ڏوهارين جي بين الصوبائي ٽولي جي 6 جوابدارن کي گرفتار ڪري چوري ۽ ڦر ڪيل 6 موٽرسائيڪلون ۽ هٿيار هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي، ايس ايس پي ميرپورخاص پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته ميرپورخاص، حيدراباد، مسڻ، ٽنڊوالهيار، ٽنڊو آدم، سلطان آباد ٿاڻن جي حد ۾ پوليس مٿان فائرنگ، اغوا ۽ ڦر جي وارداتن ۾ ملوث بين الصوبائي ٽولي جي 6 جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو آهي، ايس ايس پي موجب گرفتار ڪيلن ۾ علي خان عرف خانو جھانجھڻ، محمد حسنين عرف فوجي، حاجي شاهنواز، امجد ۽ محمد شفيع شامل آهن، جن وٽان 6 موٽرسائيڪلون، هڪ ڪار ۽ غيرقانوني هٿيار هٿ ڪيا ويا آهن، وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.