ميرپورماٿيلو (ن پ ا) ميرپورماٿيلو ويجھو ڪنڊير شاخ ويجھو گھر پنھنجا جي رھواسي لغاري برادري جي ڳوٺاڻن بشير احمد لغاري، علي شير ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پوليس خلاف ٿاڻي آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو، ان موقعي تي هنن الزام هڻندي چيو ته 10 ھٿياربند اسان جي ٽن ڄڻن علي شير لغاري، عاشق علي ۽ راحب لغاري کي جروار کان ڳوٺ ايندي رستي مان اغوا ڪيو ۽ ڪجھه فاصلي تي وڃي علي شير لغاري کي ڇڏي ٻن ڄڻن کي کڻي فرار ٿي ويا آھن، ھنن چيو ته جروار، داد لغاري ۽ ميرپورماٿيلو پوليس حد بندي جو تڪرار ڄاڻائي رپورٽ داخل ڪرڻ کان انڪار ڪيو آهي، هنن مطالبو ڪيو ته مغوي بازياب ڪرائي انصاف ڪيو وڃي، ھوڏانھن ميرپورماٿيلو پوليس علي شير لغاري جي فرياد تي بوزدار برادري جي 9 جوابدارن مٿان اين سي داخل ڪئي آھي. ٻي طرف ميرپورماٿيلو پوليس ٻڌايو ته ڳوٺاڻن جي اغوا جي اين سي داخل ڪئي آھي، بازيابي لاءِ ڪوششون ڪري رھيا آھيون.