ميرپور ساڪرو(ن پ ا)ميرپور ساڪري ۾ سارين جا اگھه ڪيرائڻ ۽ مبينا ڪٽوتي خلاف سوين آبادگارن ۽ شھرين جو مين گھارو ساڪرو روڊ تي احتجاج ڌڻي بخش لاشاري مقبول لاشاري رشيد ھديو بلاول لاشاري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪري ڌرڻو هنيو. آبادگارن جو چوڻ آهي ته سارين ۾ موائسچر (آلاڻ) جي آڙ ۾ في مڻ تي 7 کان 10 ڪلو تائين ڪٽوتي ڪئي پئي وڃي جڏهن ته جيڪا سراسر ناجائزي آهي سارين جي اگھه کي ھٿ وٺي ڪيرايو ويو آهي ٻه ھفتا اڳ 4600 سئو رپيا مڻ وڪامندڙ سارين جو ريٽ 3700 سو روپيا مڻ ڪري ملز مالڪ آبادگارن کي ھٿ وٺي تباه ڪري رھيا آهن. مهانگائي جي دور ۾ ڀاڻ ٻج دوا جا خرچا ڪري جڏهن اسان ساريون تيار ڪيون آهن ته ملن وارا ريٽ ۽ ڪٽوتي ڪري ٻنھي ھٿن سان آبادگار کي ڦري رھيا آهن ھنن ڊي سي ٺٽو ۽ ٻين وس وارن کان مطالبو ڪيو آهي ته ناجائز ڪٽوتي ختم ڪري 4600 سو اگھ مقرر ڪيو وڃي ٻئي صورت ۾ احتجاج جاري رھندو