ميرپورخاص (بيورو رپورٽ) زمين مالڪي تڪرار تان بااثر ساٿين سميت رات اسان جي گھر تي ڪاھ ڪري حملو ڪرڻ بعد سخت تشدد جو نشانو بڻائي منھنجي والد سميت اسان  3 ڄڻن کي زخمي ڪيو آهي،پر پوليس جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪرڻ لاءِ تيار ناهي، اھڙو اظھار ميرپورخاص جي علائقي ھيرآباد واسي زخمي شھري محمد يوسف يوسفزئي پنھنجي پٽن محمد وقاص ۽ محمد عارف سان گڏ پريس ڪلب پھچي پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو.هنن چيو ته اسان جي زندگين کي خطرو آهي، ڪيس داخل ڪري جوابدار گرفتار ڪيو وڃي.