ميرپورخاص(بيورو رپورٽ) 3 ڏينهن اڳ پي پي ايچ آئي پاران صحت کاتي کي هڪ ليٽر لکي آگاهه ڪيو هو ته ميرپورخاص ضلعي ۾ گزريل 6 مهينن دوران 29 معصوم ٻارن ۾ ايچ آئي وي ايڊز پازيٽو آيو آهي اهڙي ليٽر جون ميڊيا تي خبرون هلڻ بعد صوبائي وزير صحت عزرا پيچوهو نوٽس وٺي تفصيل طلب ڪئي هئي,جڏهن ته گذريل ڏينهن ڊي جي هيلٿ پاران ميرپورخاص ۾ هڪ اجلاس ڪوٺايو ويو هو جنهن ۾ تفصيل ڏني وئي هئي ته ٻارن ۾ ايچ آئي وي هجڻ جو ڪارڻ عطائي ڊاڪٽر آهن جيڪي هڪ سرينج کي بار بار استعمال ڪن ٿا,جنهن بعد سنڌ هيلٿ ڪيئر ڪميشن جا عملدار جاڳي پيا، شهر جي مختلف علائقن ۾ ڏيکاء لاء ڇاپا هڻي چار عطائي ڊاڪٽرن جون اسپتالون سيل ڪري ڇڏيون،جن ۾ گلشن ڪالوني جو ڊاڪٽر ايم اي خان،وحدت ڪالوني جو ڊاڪٽر ڪامي,رحيم نگر جو طالب ڪنڀار،  ڀانسنگھه آباد جو ڊاڪٽر لياقت شامل آهن، جڏهن ته شهر جي وڏن نجي  ميڊيڪل سينٽرن ۾ عطائي سرجنز سميت غيرقانوني ليبارٽرين خلاف ڪاب ڪاروائي نه ٿي سگهي، ان سموري معاملي تي صحت کاتي جي عملدارن توڙي سنڌ هيلٿ ڪيئر ڪميشن جي فوڪل پرسن موقف ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي, ڊي ايچ او جئيرام داس, ڊائريڪٽر هيلٿ ڊاڪٽر وقار جروار سميت سنڌ هيلٿ ڪيئر ڪميشن جي فوڪل پرسن ڊاڪٽر عمر ڪاڪا سيڪريٽري پاران موقف ڏيڻ کان منع هجڻ جو جواز ڄاڻائي موقف ڏيڻ کان انڪار ڪيو، ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر ڊاڪٽر رشيد مسعود رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته هن وقت ضلعي ۾ ايترا ڪيس ناهن جيترا پي پي ايچ آئي ڏنا آهن،جڏهن ته جيڪي ٻار ايڊز ۾ مبتلا آهن انهن جو علاج هلندڙ آهي,عطائي ڊاڪٽرن خلاف ڪاروائي لاء سنڌ هيلٿ ڪميشن جي سي اي او کي خط لکيو آهي,اسان عطائي ڊاڪٽر خلاف ڪاروائي لاء انهن جو ساٿ ڏيڻ لاء تيار آهيون,هوڏانهن شهرين محمد بخش ڪپري,شهزادو ملڪ, سينئر ڊاڪٽر ليکراج ۽ ڊاڪٽر نريندر ٻڌايو ته ضلعي جي معصوم ٻارن ۾ ايڊز جي بيماري هجڻ هڪ خطرناڪ صورتحال آهي,هنن ٻڌايو ته ايڊز هجڻ جو اهم ڪارڻ عطائي ڊاڪٽر آهن پر بدقسمتي سان عطائي ڊاڪٽرن خلاف ڪاروائي ڪرڻ بدران سنڌ هيلٿ ڪيئر ڪميشن جا عملدار رشوٽ وٺي خاموش آهن,جنهن سبب شهرين جون زندگيون داءُ تي لڳل آهن,حڪومت کي گهرجي تي عطائي ڊاڪٽرن خلاف ڪاروائيون ڪري انهن جون ڪلينڪون بند ڪرايون وڃن.