ميرپورخاص (بيورو رپورٽ) مڪاني چونڊن ۾ ميرپورخاص ضلعي ۾ رد ٿيل  فارمن خلاف سيشن ڪورٽ ۾  49 اپيلون داخل ڪيون ويون آهن،  جن ۾ 19 اپيلن تي ٻڌڻيون اڄ ٿينديون، جڏهن ته ڪالهه داخل ٿيل 30 اپيلن تي ٻڌڻيون سڀاڻي ٿينديون، سمورن اپيلن تي فيصلا 27 مئي تي ايندا، ان ڏس ۾ ميرپورخاص ميونسپل ڪارپوريشن جي ٻن ٽائون ميونسپل ڪارپوريشنن سيد خادم علي شاهه ۽ مير شير محمد ٽالپر جي11، 11  ٽائون ڪاميٽين سميت ضلع جي 6 تعلقن جي 7 ٽائون ڪاميٽين ۽ 54 يونين ڪائونسلن تي 3563 نامزدگين جا فارم جمع ڪرايا ويا، جن مان 325 فارم منظور ۽ 16 فارم رد ٿيا، ضلعي ڪائونسل ميمبرن پاران  504 فارم جمع ڪرايا،  جن مان 477 فارم منظور ۽ 27 فارم رد ڪيا ويا، جنرل ڪائونسلرن پاران  1634 فارم جمع ڪرايا ويا جن مان 1498 منظور ۽ 136 فارم رد ڪيا ويا،  يونين ڪاميٽين جي چيئرمين ۽ وائيس چيئرمين جي سيٽن لاءِ 138 نامزدگين جا فارم جمع ڪرايا ويا جن مان 133 فارم منظور ۽ 5 فارم رد ڪيا ويا، ٽائون ميونسپل ڪارپوريشن جي يارهن يارهن يونين ڪاميٽين جي 88 وارڊن تي 462 اُميدوارن پنهنجا نامزدگي جا فارم جمع ڪرايا جن مان 413 فارم منطور 49 نامزدگين جا وارڊ رد ڪيا ويا، جڏهن ته ضلعي جي 7 ٽائون ڪاميٽين تي لاءِ 484 نامزدگين جا فارم جمع ڪرايا ويا جن مان 436 نامزدگين جا فارم منظور ڪيا ويا 48 فارمن کي رد ڪيو ويو، ضلعي مختلف تعلقن جي سيٽن  تي جمع ٿيل نامزدگين تي رٽرننگ آفيسر پاران اعتراض واري رد ڪيل 281 اُميداور جي فارمن مان گذريل ڏينهن اپيل جي آخري تاريخ تائين 49 اُميدوارن پاران اپيلينٽ ڪورٽ ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج جي عدالت ۾ اپيلون داخل ڪرايون ويون.داخل ڪيل اپيلن ۾ ڪيترن ئي اميدوارن جواز ڄاڻايو آهي ته ضلعي ۾ حڪومتي  اميدوارن کي کٽرائڻ لاءِ حڪومتي مشينري استعمال پئي ٿئي، مختلف جواز ڄاڻائي اسان جا فارم رد ڪرايا ويا آهن.