ميرپورخاص(بيورو رپورٽ) نارا ڪئنال جي پوڇڙين ۾ پاڻيءَ جي شديد کوٽ خلاف اڄ نائين ڏينھن به آبادگارن احتجاج جاري رکيو. ان موقعي تي پريس ڪانفرنس ڪندي مير اعجاز ٽالپر، زاھد نون، پروفيسر  يوسف راجپوت، سيد اوصاف علي شاھ، محمد علي ڪلوئي ۽ ٻين چيو ته ٽن مھينن کان پاڻيءَ جي شديد کوٽ آھي، جڏھن ته نارا ڪئنال کي سکر بئراج کان مڪمل پاڻي ڏنو پيو وڃي پر 21 ڏينھن بعد شاخون کولين ٿا ته پوڇڙين ۾ پاڻي نٿو پھچي. ھنن چيو ته منڍ جمڙائو کان وٺي سکر تائين نارا ڪئنال تي 248 لفٽن مشينون لڳل آھن، جن مان صرف 68 قانوني آھن، باقي سڀ غير قانوني لفٽ مشينون آھن، جن کي واپڊا پاران غير قانوني طور ٽرانسفارمر لڳائي ڏنا ويا آھن. ھنن چيو ته 60 ھزار ايڪڙن تي بااثر ماڻھن پاران ساريون پوکيون ويون آھن، جيڪي ستوڻ تي وڌيڪ پاڻي کڻي رھيون آھن پر انھن خلاف ڪو بھ آپريشن ڪرڻ لاءِ تيار ناھي. آبادگارن چيو ته پابندي باوجود بااثر ماڻھن کي  نوان واٽر ڪورس ٺاھي ڏنا پيا وڃن ۽ سندن واٽرن جا موڳا وڏا ڪيا پيا وڃن. آبادگارن چيو ته اسان پنھنجي تڪن جي چونڊيل نمائندن کي به دانھن ڏني آھي، پر آبپاشي وارو وزير انھن جي به ٻڌڻ لاءِ تيار ناھي ۽ چوي ٿو ته آبادگار غلط آھن ۽ ڪامورا صحيح آھن، آخر اھڙي ڪھڙي قوت آھي، جيڪا پاڻي چوري ڪرائيندڙ ڪامورن جي سپورٽر آھي. ھنن چيو ته 12 جون تي حيدرآباد – ميرپورخاص روڊ تي ھزارين ماڻھن سميت ڌرڻو ھڻي اڻڄاتل مدي تائين احتجاج جاري رکيو ويندو.