ميرپورخاص (رپورٽ: روي شنڪر مالھي) کنڊ اسڪيندل ڪيس ۾ گرفتار مک جوابدار جگل ڪشور سميت گرفتاري کان اڳ واري ضمانت واري درخواستون ڏيندڙ ٽن جوابدارن جو سيشن ڪورٽ محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌائيندي جوابدارن جون ضمانتون رد ڪري ڇڏيون. ضمانتون رد ٿيڻ بعد گرفتار کان اڳ واري ضمانت حاصل ڪرڻ لاءِ آيل ٽي جوابدار عدالت مان فرار ٿي ويا. کنڊ اسڪينڊل ۾ ايف آءِ اي ميرپورخاص سرڪل پاران جگل ڪشور ۽ ٻين جوابدارن خلاف مني لانڊرنگ، فراڊ ۽ سٽيبازي جي قلمن تحت داخل ڪيس ۾ جگل ڪشور پاران ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ ۾ گرفتاري کان پوءِ واري ضمانت جي درخواست داخل ڪرائي ھئي، جڏھن ته نامزد ٽن جوابدارن شڪيل شيخ، حاجي نظام الدين ۽ محمد علي چوهاڻ پاران گرفتاري کان اڳ واريون ضمانتن جون درخواستون ڏنيون ھيون، جنھن تي عدالت ڪجهه ڏينھن اڳ فيصلو محفوظ ڪيو ھو، عدالت محفوظ ڪيل فيصلي تحت سمورن جوابدارن جون ضمانتون رد ڪري ڇڏيون، ضمانت جي درخواست رد ٿيڻ تي جوابدار شڪيل شيخ، حاجي نظام الدين ۽ محمد علي چوهاڻ عدالت مان فرار ٿي ويا.