ملير (رپورٽر) ملير نيو سبزي منڊيءَ ويجهو سپر هاءِ وي تان اغوا ٿيل ٻن نوجوانن جي بازيابيءَ لاءِ ڪابه اڳڀرائي نه ٿي سگهي. جاچ لاءِ حراست ۾ ورتل چوڪيدار وٽان ڪا معلومات نه ملي. خبر موجب ملير نيو سبزي منڊي ويجهو سپر هاءِ وي ناردرن باء پاس پل تان ڪراچيءَ کان ميرپور خاص ويندي، مسلم ليگ ن سنڌ جي نائب صدر مسعود وساڻ جي ڀاءُ ذوالفقار وساڻ ۽ سندس دوست محسن مري جي اغوا واري واقعي ۾ ڪابه اڳڀرائي نه ٿي سگهي. سائيٽ سپرهاء وي پوليس پاران جاچ لاءِ حراست ۾ ورتل چوڪيدار کان پڻ پڻ ڪا به معلومات نه ملي سگهي. هوڏانهن ايس ايس پي ايسٽ ساجد سدوزئي، ايس آءِ يو ۽ اي وي سي سي عملدارن گذريل ڏينهن واقعي واري هنڌ جو معائنو ڪيو. جاچ آفيسر رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته نوجوانن جي موبائل فون جي جيو فرانزڪ ۽ گاڏي جا فنگر پرنٽ وٺي جاچ لاء اماڻيا ويا آهن، جن جي رپورٽ تحت جاچ ۾ اڳڀرائي ممڪن ٿي سگهندي. مغوين جي بازيابيءَ لاءِ ڪوششون جاري آھن.