ميرپورخاص: عدالت ڪوڙو چيڪ ڏيڻ تي پوليس واري کي هٿڪڙيون هڻائي جيل موڪلي ڇڏيو

0
331

ميرپورخاص(ن پ ا) ميرپورخاص: عدالت ڪوڙو چيڪ ڏيڻ تي پوليس واري کي هٿڪڙيون هڻائي جيل موڪلي ڇڏيو.

 53 لک روپين جي ڪوڙي چيڪ ۾ ڏوھ ثابت ٿيڻ بعد پيسا واپس نه ڏيڻ تي عدالت جوابدار پوليس اھلڪار اسرار احمد کي ھٿڪڙيون لڳائي جيل موڪلي ڇڏيو.

سيشن ڪورٽ ۾ ڪوڙو چيڪ ڪيس ڏيڻ واري ڪيس ۾ ڏوھ ثابت ٿيڻ بعد جوابدار عدالت ۾ درخواست داخل ڪرائي ھئي ته منھنجو ڏيوالو نڪري ويو، آئون پيسا نٿو ڏئي سگھان.

ڪيس جي ٻڌڻي دوران جوابدار پاران پيسا واپس ڪرڻ جي انڪار تي عدالت کيس ھٿڪڙيون لڳرائي جيل موڪلي ڇڏيو، جنھن کي 2 آڪٽوبر تي ٻيھر پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو.