ميرواھ گورچاڻي (ن پ ا) ميرواھ گورچاڻي ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ چوپائي مال ۾ پراسرار وبائي بيماري ڦهلجڻ سبب ڪيترو ئي مال مري ويو آهي، جنهن ڪري مالوند سخت پريشان ٿي ويا آهن، ان ڏس ۾ مالوندن جو چوڻ آهي ته ٻڪرين کي اوچتو ساھ کڻڻ ۾ تڪليف ٿئي ٿي، جنهن بعد هڪ ٻئي جي پويان اهي مرنديون وڃن ٿيو، هنن چيو ته ٿورن ڏينهن اندر پراسرار بيماري ۾ 10 کان وڌيڪ ٻڪريون مري چڪيون آهن، بيماري ڦهلجڻ واري اطلاع تي وٽرنري ٽيم مختلف ڳوٺن ۾ پهچي ٻاڪري مال کي ويڪسينيشن ڪئي ۽ دوائون پڻ ڏنيون.