ميان صاحب (ن پ ا) ميان صاحب پوليس ڳجھي اطلاع تي غيبي واهه ڀرسان ھڪ خانگي جڳھه ۾ قائم جعلي ڪاري ڀاڻ ٺاھڻ جي ڪارخاني تي ڇاپو هڻي جعلي ڀاڻ جون سوين ٻوريون هٿ ڪري ورتيون، پوليس ڪارخاني جي آپريٽر پنجاب جي شهر لاهور واسي سپرد علي سميت 3 ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو، پوليس موجب ڇاپي دوران لاھور واسي ڪارخاني مالڪ امجد علي فرار  ٿي ويو، پوليس ڪارخاني مان ڀاڻ ٺاھڻ جي مشين، ريتي، پائوڊر ۽ ڪيميڪل هٿ ڪري ڪارخاني کي سيل ڪري ڇڏيو، ٻئي طرف خانگي جڳھه جي مالڪ صديق ڪنڀر جو چوڻ آهي ته پنجاب واسين کي مھينو اڳ مسواڙ تي جڳھه ڏني ھئي، جن چيو ته اسان مڇيءَ جي فيڊ ٺاھينداسين، مسواڙين جعلي ڀاڻ جو ڪارخانو هڻي غلط ڪم ڪيو.