ميئر ڪراچي مرتضيٰ وهاب اليڪشن ڪميشن آڏو جواب جمع ڪرائي ڇڏيو

0
47

ڪراچي جي ميئر مرتضيٰ وهاب اليڪشن ڪميشن آڏو ضابطن جي ڀڃڪڙي بابت پنهنجو جواب جمع ڪرائي ڇڏيو

 مرتضيٰ وهاب جمع ڪرايل جواب ۾ چيو آهي ته اليڪشن ڪميشن جي ڪنهن به اخلاقي ضابطي جي ڀڃڪڙي نه ڪئي آهي

مرتضيٰ وهاب جواب ۾ چيو آهي ته چونڊ مهم ۾ نه حصو ورتو آهي ۽ نه وٺندس، قانون جي پاسداري ڪندڙ شهري آهيان، جنهن تقريب ۾ شرڪت ڪئي اها اليڪشن مهم جي تقريب نه پر شهرين سان ترقياتي ڪمن بابت ڪچهري هئي، آئنده اهڙن معاملن ۾ احتياط ڪندس

گذريل ڏينهن اليڪشن ڪميشن پاران ميئر کي نوٽيس جاري ڪيا ويا هئا