ڪراچي: پ پ سنڌ جي جنرل سيڪريٽري سينيٽر وقار مهدي چيو آهي ته ڪراچي جي ميئر بابت اڃا فيصلو ناهي ٿيو، پ پ وٽ 6 کان 7 درخواستون پهتل آهن، هن چيو ته وزيراعليٰ مراد شاهه پنهنجي پريس ڪانفرنس دوران ڪراچي جي ميئر جي حوالي سان مذاق ڪيو هو ته ڪراچي جي ميئر جو اميدوار (مرتضيٰ وهاب ) هن وقت پريس ڪانفرنس ۾ ويٺل آهي، هن واضح ڪيو ته ڪراچي جو ميئر اهو ئي ٿيندو، جنهن کي پارٽي نامزد ڪندي