مون کي کائيندو وطن

0
674
شفيع فقير ۽ سنڌ جي حقيقي ڳائڪي

 هو وڏن ماڻهن جون وڏيون ڳالهيون چس وٺي ڪندو هو، آرٽسٽ جي وڏائي کيس وڻندي هئي . هڪ ڀيري ٻڌايائين ته استاد بڙي غلام علي خان ڪنهن راجا جي درٻار ۾ ڳائيندو هو ۽ اتي ئي آئينو گوڏي تي رکي ڏاڙهي پئي ٺاهيائين ان راجا وٽ پاسي واري رياست جو راجا مهمان ٿي آيو ته سندس آڌرڀاءَ ۾ راجا سميت سموري درٻار اٿي بيٺي پر استاد بڙي غلام علي خان ساڳئي انداز ۾ ويٺو رهيو ۽ ڏاڙهي ٺاهيندو رهيو . اها ڳالهه آيل مهمان کي ڏکي لڳي . هن ميزبان کان پڇيو ته اهو ڪير آهي ؟ راجا کان پهرين استاد بڙي غلام علي جواب ڏنو ته مون کان پڇ ته آئون توکي ٻڌايان ته آئون ڪير آهيان .

هن کي ڪهڙي خبر ته آئون ڪير آهيان.؟ راجا چيو ته تون ئي کڻي ٻڌاءِ ته تون ڪير آهين ته استاد وراڻيس جيئن توهان پنهنجي رياست جا بادشاهه آهيو ايئن آئون راڳ جي دنيا جو بادشاهه آهيان. توهان مرندئو ته توهان جي ڪرسي تي توهان جو پٽ ويهندو ۽ هي راجا مرندو ته هن جي ڪرسي تي هن جو پٽ ويهندو پر جڏهن آئون مرندس ته پوءِ منهنجي ڪرسي تي ڪير به ڪونه ويهي سگهندو اها قيامت تائين خالي هوندي. انڪري جو استاد بڙي غلام علي خان دنيا ۾ هڪڙوئي آهي. اهڙا قصا ۽ ڪهاڻيون سمورن وڏن ماڻهن جون کيس وڻنديون هيون ۽ انهن وڏن ماڻهن سان صادق فقير جو پيار مثالي هو . هڪ ڀيري انڊيا ويو هو ته لتا جي سان ملڻ جي ڪوشش ڪيائين ملاقات نه ٿي سگهي ته سندس ملازم کي چيائين ته لتاجي کي چئجو دنيا ۾ توهان سان سڀ کان وڌيڪ پيار ڪندڙ آيو هو.  اسان وٽ جيتريون وڏن ماڻهن جون اوڻايون ڳڻايون وينديون آهن هو اوتريون ئي وڏن ماڻهن جون چڱايون بيان ڪندو هو.

صادق فقير بابا جي اها ڳالھه سدائين سندس روايتي لازوال ٽهڪ سان شروع ڪندو هو ته هڪڙي ڀيري بابا کيس سڏ ڪري ويهاريو ۽ چانھه پياري چيائينس “ مون ڏٺو آهي مٺي ۾ تنهنجي سنگت گهاٽي آهي تون نه جي منهنجي پارٽي جو ميمبر ٿي وڃين ته ڪر ڪم ڪروڙ جو ٿي وڃي .” بابا جڏهن اليڪشن ۾ بيٺو هو ته صادق بابا سان گڏ گاڏي ۾ چڙهي بابا جي ورڪ به ڪئي. ان اليڪشن دؤران جڏهن ارباب غلام رحيم سندس اوطاق تي ورڪ لاءِ آيو ته صادق کيس ورندي ڏني هئي ته منهنجو ووٽ فقير مقيم ڪنڀار جو آهي. ارباب غلام رحيم چيس اهو ته هارائي ويندو . صادق چيس ووٽ کٽڻ يا هارائڻ جو ڪونهي ووٽ ته ضمير جو هوندو آهي. صادق جڏهن جڏهن به بابا سان ملندو هو ته سندس دل جي ٻلهار وڃڻ واري ڪيفيت سندس چهري تي نکري ايندي هئي .

هڪڙي ڏينهن کيس چيم مون کي ڪيٽي بندر ڏسڻو آهي ۽ اُها جڳھه به ڏسڻي اٿم جتي سمنڊ ۽ درياهه ملن ٿا. پروگرام ٺاهي ڪيٽي بندر گهمي رات “ٻاٻيهو” نالي ڳوٺ ۾ حسين صوباڻي وٽ ترسياسين. صوباڻي جتن جو ڳوٺ هو. ٻئي ڏينهن سڄ اڀري جو نڪتاسين کاري ڇاڻ لاءِ رستو تمام خراب هو. هاڻ ته ٺهي ويو آهي. رستي جي خرابي سبب سندس موڊ به خراب ٿيو. پر اسين جڏهن کارو ڇاڻ جيٽي تي پهتاسين ته درياهه ۽ سمنڊ جي ميلاپ واري جڳهه سڄي سنگت جو من موهي وڌو صادق گاڏي مان هارمونيم لهرائي اتي گيت ڳايا ته اونهي سمنڊ ڏانهن ويندڙ ملاح به گهڙي کن لاءِ ترسي پيا هئا. هو پنهنجي موبائلن ۾ صادق فقير جي لازوال آلاپن ۽ حسن درس جي بي مثال شاعري کي رڪارڊ ڪرڻ لڳا هئا

لڙيو پئي لاڙ تان سورج ‘ مهاڻي ٻار وانگر هو.

گهڻو پوءِ جڏهن آئون ۽ مٺو مهيري مليا هئاسين ته مون کائنس پڇيو هو “ مهاڻي ٻار وانگر ” معنيٰ . مٺي مون کي ٻڌايو هو جڏهن شام ٿيندي آهي ته مهاڻو ٻار جيڪي اڀرو سڀرو شڪار لڳندو اٿس اهو کڻي گهر ڏانهن رَئي ٿيندو آهي . ايئن شام جو سج به لهندي دير ئي ناهي ڪندو . خير اسين ملاحن جي چهرن تي ان سال درياهه ۽ سمنڊ جي ميلاپ جي خوشي ماڻي ۽ ڏسي موٽياسين. اسان جي ڏينهن جي ماني رسول بخش درس جي ڪشادي اوتاري تي جهمپير ۾ هئي. ماني کائي اسين ڪينجهر جي ٻي ڪناري تي موجود اهو مندر ڏسڻ وياسين جتي عشق جو آواز حسن درس چواڻي سنهي ڪنهن تار جيئن زمانن کان وڄندو پيو اچي. جهمپير جي هن مندر وٽان ڪينجهر بنهه نئين روپ ۾ پرگهٽ ٿئي ٿي ۽ ڏسندڙ جي حواسن تي زمانن تائين ڇانيل رهي ٿي .

اسين ان نظاري جو لطف ماڻي رات اچي نواز فقير وٽ حيدرآباد ۾ رهياسين . صبح جو اسين مرشد لطيف ۽ شيخ اياز صاحب جي حاضري ڀري چؤدڳي ۾ اڌ قلندر جي ميلي ۾ وڃي شريڪ ٿيا هئاسين. طئه ٿيل پروگرام موجب شفيع فقير کي ملڻ کان موڪلائڻ تائين چرچا هڻندا رهياسين. اهڙا الائجي ڪيترا سفر هئا جيڪي صادق فقير سان مون اسحاق سميجي ،علي دوست عاجز ،پياري شواڻي ۽ شوڪت هنڱورجي گڏجي ڪيا هئا. منهنجي گهمڻ ڦرڻ جو شوق صادق فقير جي به دل وٽان هو. ان ڪري اسان ڳچ جهڙي سنڌ هڪٻئي جي ڪلهي تي هٿ رکي گهمي هئي . انهن پيرن جي نشانن تي هلڻ ڏکيو هوندي به هڪ ڀيري نزاڪت کي کاري ڇاڻ وٺي ويو هئس. اتي نزاڪت جڏهن ڳايو هو

هاڻ جي ويندين هليو

ڪير ڀائيندو وطن

مون کي کائيندو وطن

مون کي کائيندو وطن

چاچي ايوب سهتي سميت اسين سڀ روئي پيا هئاسين. وطن اسان سڀني کي کائڻ پئي آيو. ڪي ماڻهو زندگي مان هليا وڃن ٿا ته گهر ، ڳوٺ يا شهر ڄڻ ته کائڻ ايندو آهي پر ڪن جي وڃڻ سان اهڙي سڃ ٿيندي آهي جو وطن کائڻ ايندو آهي. هڪ ڀيري چيومانس بڙ جي ڍوري تي مرشد لطيف جي تڪيئي تي حاضري ڏينداسين ۽ جتن کان لطيف ٻڌنداسين . منهنجي ڪابه ڳالهه ۽ خواهش ٽاري نه سگهندو هو. جنوري جي ڪنهن شام اسين بڙ جي ڍوري وڃي پهتاسين. حاجي مير ملاح ۽ مامي وڪيئي خاصخيلي اسان جي گذارش تي اتي لطيفي رهاڻ جو بندوبست ڪيو هو منهنجي لاءِ وڏي ڳالهه اها ٿي جو اتي پهچي خبر پئي ته ڏاڏي گنگا جتڻ جي قبر اتي ئي هئي. ان کان اڳ ۾ منهنجي علم موجب ڏاڏي گنگا جتڻ جي قبر ڪڇ ۾ هئي. مون چُني ڍڪيل قبر جي پيرن وٽان بيهي دعا گهري جيڪا دعا آئون سمجهان ٿو قيامت تائين مون تي ڇانوَ جيئن ڇانئي رهندي.

رات جو محفل ۾ ڀٽائي جي فقيرن سان گڏ پاڻ به لطيف جا بيت ڏنائين ۽ جڏهن ڳائڻ ويٺو ته محفل کي منڊي ڇڏيائين. هر ٻڌڻ واري جي فرمائش ۽ پسند جو لحاظ رکندي ڳايائين . جيئن محفل ۾ شريڪ سمورا ماڻهو سندس ڳائڻ مان لطف اندوز ٿي سگهن . ڪنهن به ڪن رَس واري کان وڌيڪ توجھه گهڻا پئسا ڏيڻ واري تي ڪڏهن ڪو نه ڏنائين . شاعري جي چونڊ جي معاملي ۾ هو ايترو باذوق هو جو سندس ڳايل ڪلام وڏن استاد ڳائڻن کي ڳائڻا پئجي ويا. ايئن قطعي ڪونهي ته هاڻ سنڌي شاعري لکجي ڪونه پئي ايئن به ڪونهي ته جيڪا شاعري صادق فقير ڳائي ان کانسواءِسٺي شاعري موجود ڪونهي . اصل ۾ آهي ايئن ته شاعري جي چونڊ ڪرڻ لاءِ جيڪو ذوق گهربل آهي اسان جي ڳائڻن وٽ اهو ڪونهي. صادق فقير کي قدرت ان ڪرشمي جو ڌڻي بڻايو هو جو هُو جنهن ڪلام کي ڳائيندو هو اهو امر ٿي ويندو هو. هي اسان جا جيڪي دوست محفلن ۾ دعويٰ ڪندا آهن ته فلاڻو ڪلام اسان صادق کان پهرين ڳايو هو يا اها هام هڻندا آهن ته اسان اياز کي تڏهن ڳايو جڏهن اياز ڳائڻ ڏوهه هو . انهن گوريلن کي گذارش آهي ته جيئن ته هاڻي صادق فقير دنيا ۾ ڪونهي توهان مهرباني ڪري ڪو اهڙو ڪلام ڳائي مشهور ڪريو جيڪو هاڻ صادق فقير جو ٿي ئي نٿو سگهي . هونئن به سنڌ کي اها شڪايت آهي ته هو گذريل پنجاهه سالن کان سوين فنڪارن کان مجموعي طور پنجاهه نيون ڌنون به ٻڌي ڪونه سگهي آهي . مقبول ڪئسٽي ۽ سگهڙ شاعري جي زماني ۾ صادق فقير جديد سنڌي شاعري کي ڳائي نه رڳو مقبول بڻايو پر ان روايت کي مقبوليت به ڏياري. ان کي برقرار رکڻ بجاءِ ڳچ جهڙي سنگت مقبول انڊين ڌنن ۾ گانا ڦٽ ڪري خوش لڳي پئي آهي.

مون ڏانهن ڏسي تو جو سوچيو

مون سڀ سمجهيو ، مون سڀ سمجهيو

جيئن هي ڪلام استاد بخاري کي ڳائيندڙ ڪو ڳائڻو چونڊي نه سگهيو . ايئن ان جهڙا ڪيترائي ڪلام هن چونڊيا ، ڳايا ۽ مقبول ڪري ڇڏيا. ڪلام جي چونڊ لاءِ هو ڪتابن جو مطالعو ڪندو هو . هن جي گهر ۾ هڪ سٺي لائبرري هئي . هن ڪڏهن به شهرت ۽ پئسي لاءِ بازاري شاعري ۽ بازاري روين کي ڪونه اپنايو . هن جي خواهش هئي ته آئون لطيف جي هر سُر مان هڪ بيت ۽ هڪ وائي ڳائي پي ٽي وي تي رڪارڊ ڪرايان ان لاءِ هن ڪوششون به ورتيون پر زندگي وفا نه ڪيس . اڄ سندس ورسي تي آئون اهو چوندي خوشي محسوس ٿو ڪريان ته هن پنهنجي اولاد جي اهڙي تربيت ڪئي آهي جو اُهي نه صرف سندس اڱڻ کي آباد ڪريو ويٺا آهن  پر مون سميت ڳچ جهڙي سنگت جو اجهو ۽ آسڻ آهن . جڏهن زمانو ستائيندو آهي يا هُو ياد ايندو آهي ته اسين اتي وڃي آسيس وٺندا آهيون. مون ته نزاڪت صادق فقير اڳيان هيل اها تجويز رکي آهي ته هن ڀيري صادق فقير جي ورسي ۾ صرف انهن کي ڳارايو جن پنهنجي ڪا نئين ڌُن ٺاهي هجي.