اڏيرولال (ن پ ا) يونين ڪائونسل اڏيرولال اسٽيشن جي ضلعي ڪائونسل لاءِ اميدوار محمد يوسف ڇٽو پريس ڪلب تي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته منهنجي نالي سان سوشل ميڊيا تي ڪوڙيون ۽ من گهڙت افواهون پکيڙي ماحول کي خراب ڪيو پيو وڃي، هن چيو ته اسان ڪالهه به پيپلز پارٽي جا هئاسين ۽ اڄ به پارٽي ۾ آهيون. مون کي ٽڪيٽ نه ملڻ پ پ اعليٰ قيادت جو فيصلو آهي، جنهن کي دل سان قبول ڪيان ٿو.