مون پڪ سڃاتا پنهنجا هئا، ڌارين سان گڏ هِن ڌاڙي ۾:صنعان قريشي

0
406

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) مون پڪ سڃاتا پنهنجا هئا، ڌارين سان گڏ هِن ڌاڙي ۾، جسقم چيئرمين صنعان قريشي عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهين ۽ ڪارڪنن کي خطاب دوران شعر پڙھيو، صنعان قريشي چيو آهي ته اسان پُرامن شهري آهيون ۽ ڪڏهن به هٿيار ناهن کنيا، قرب جا قيدي آهيون، تڏهن گرفتار ڪيو ويو، باقي هتي دهشتگرد آزاد آهن، ڌرتي تي ڌارين جو قبضو ٿي رهيو آهي، جنهن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪريون ٿا، ڌارين جي قبضي خلاف پُرامن ريلي ڪڍي هئي، ريلي ۾ جِن غلط عمل ڪيو، اُنهن کي سرعام سزا ڏني وڃي، ھن چيو تھ دھشتگرد اڄ آزاد آھن ۽ اسان کي بيگناھ گرفتار ڪيو ويو آھي.