مون پنهنجي ڌيءَ کي درياهه ۾ نه ٻوڙيو آهي: والد بيان تان ڦري ويو

0
312

لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي ۾ معصوم ڌيءَ کي درياهه ۾ ڦٽو ڪري مارڻ جي الزام هيٺ آيل جوابدار نويد کهاوڙ کي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو

عدالت ۾ پيشي وقت ڳالهائيندي هو پنهنجي ڌيءَ کي اڳوڻي گهرواري سان جهيڙي سبب درياهه م لوڙهي مارڻ واري بيان تان ڦري ويو

جوابدار نويد کهاوڙ عدالت ۾ ڳالهائيندي چيو ته مون پنهنجي ڌيءَ کي درياهه ۾ نه ٻوڙيو آهي، خبر نه آهي ته منهنجي ڌيءَ نويلا ڪٿي آهي، پوليس تشدد ڪري زبردستي بيان وٺي رهي آهي

جوابدار نويد کهاوڙ چيو ته پوليس مون سان ظلم ڪيو آهي، 2 ڏينهن اڳ الهه آباد پوليس دعويٰ ڪئي هئي ته جوابدار پنهنجي ڌيءُ نويلا کي درياهه ۾ اڇلائڻ جو اعتراف ڪيو آهي،

جڏهن ته عدالت جوابدار کي وڌيڪ ٽن ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو، ٻئي پاسي معصوم ٻارڙي جو لاش ۽ ان بابت ڪا وڌيڪ اڳڀرائي نه ٿي سگهي

هي به پڙهندا

لاڙڪاڻي ۾ گم ڄاڻايل معصوم نينگري کي پيءُ پاران درياءَ ۾ لوڙهڻ جو انڪشاف