ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي بلاول ڀٽو زرداري وڌيڪ چيو ته مون پنهنجي والده جي قاتلن جي وڪيل کي ووٽ نه ڪيو، اوهان بينظير جي قاتل جي وڪيل کي سينيٽر بڻائڻ جو سوچيو ڪيئن؟ اوهان چاهيو ٿا ته پوري قيادت ان وڪيل کي اپوزيشن ليڊربڻائي، شيخ رشيد جي بيان بابت هن چيو ته شيخ رشيد سنڌين خلاف غير ذميواراڻو بيان ڏنو، شيخ رشيد جو بيان دل آزاريندڙ آهي، ڄاڻون ٿا ته شيخ رشيد ڪنهن جي چوڻ تي بيان ڏنو، ٻڌائڻ چاهيون ٿا ته پاڪستان سنڌ جي ڪري آهي، عمران خان وزيراعظم آهي ته اهو به سنڌ جي ڪري آهي.