ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ بليڪ ميلنگ کان تنگ ٿي آپگهات ڪندڙ عورت جَي ڪيس ۾ اهم اڳڀرائي: پوليس 3 روپوش جوابدارن کي گرفتار ڪري عدالت ۾ پيش ڪري ڇڏيو، جوابدارن ۾ شاهد، اسد ۽ ارتضيٰ شامل: عدالت 6 جوابدارن کي جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو، ڪيس جي ٻڌڻي دوران جاچ آفيسر اڳڀرائي رپورٽ پيش ڪندي چيو ته جوابدارن وٽان مليل وڊيو فارنزڪ لاءِ موڪلي آهي، خوڪشي ڪندڙ ناري صوبيا پنهنجي دوست کي جوابدارن جي حوالي سان آڊيو ميسيج ذريعي آگاهه ڪيو هو.