لاهور (بيورو رپورٽ) تحريڪ لبيڪ پاڪستان جو مرڪزي امير حافظ محمد سعد حسين رضوي کي لاهور مان گرفتار ڪيو ويو آهي، جنهن بعد تحريڪ لبيڪ پاڪستان طرفان پوري ملڪ ۾ احتجاج ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، تحريڪ لبيڪ پاڪستان فرانس جي سفير کي نيڪالي نه ڏيڻ جي صورت ۾ لانگ مارچ جو اعلان ڪيو هو، تحريڪ لبيڪ جي ترجمان جو چوڻ آهي ته حڪومت سان ڳالهين بعد وزير اعظم عمران خان 20 اپريل تائين مسئلو حل ڪرڻ جي خاطري ڪرائي هئي، حڪومت فرانسيسي سفير کي نيڪالي نه ڏني ته 20 اپريل تي لاهور کان مارچ ڪيو ويندو.