مولانا فضل الرحمان پاران اليڪشن 2024ع ڊرامو ۽ اسيمبليون جعلي قرار: ملڪ گير تحريڪ جو اعلان

0
26
مولانا فضل الرحمان پاران اليڪشن 2024ع ڊرامو ۽ اسيمبليون جعلي قرار: ملڪ گير تحريڪ جو اعلان
مولانا فضل الرحمان پاران اليڪشن 2024ع ڊرامو ۽ اسيمبليون جعلي قرار: ملڪ گير تحريڪ جو اعلان

ڪراچي( رپورٽ؛ فقير سليم) جي يو آءِ جي امير مولانا فضل الرحمان اليڪشن 2024ع کي ڊرامو ۽ اسيمبلين کي جعلي قرار ڏيندي ملڪ گير تحريڪ جو اعلان ڪيو آهي، ڪالهه هتي عوامي اسيمبلي جي عنوان ھيٺ ڪوٺايل جلسي کي خطاب ڪندي هن چيو ته اسان جي جدوجهد هڪ هفتي يا هڪ مهيني جي ناهي، اسان هر صوبي جي حقن جي ڳالهه ڪريون ٿا، سنڌ جي هر مسئلي تي آواز اٿاريو آهي، ايم آر ڊي وقت سنڌ جي هر تعلقي ۾ ايندو هئس، هن چيو ته سنڌ واسين تازين چونڊن ۾ اسان کي لبيڪ چيو هو، هن چيو ته آئين ۾ لکيل آهي ته سموري قانو سازي قران پاڪ جي روشني ۾ ٿيندي، جلسي کي خطاب ڪندي جي ڊي اي اڳواڻ ڊاڪٽر صفدر عباسي چيو ته سنڌ ۾ نگران حڪومت ٺھي ته سمورا وزير ۽ ڪامورا ساڳيا رھيا، 95 سيڪڙو سيٽن تي اتحاد ٿيو پر آر او ۽ ڊي آر او اھي ئي ھئا،  سنڌ جي اليڪشن ڪميشن جي ميمبر اليڪشن عمل کي مشڪوڪ بڻايو، هن چيو ته  پاڪستان ۾ ٽي جماعتون اليڪشن کي انجوائي ڪن پيون، باقي جماعتن کي آئوٽ ڪيو ويو، هن چيو ته  مولانا سڀني سياسي جماعتن کي ھڪ ڊائريڪشن ڏئي، قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ  اياز لطيف پليجو چيو ته هتي سياستدان عوام جي بازي ھاري اقتدار کٽيندا رهيا آھن، مفاد پرست اقتدار تي عوام لعنت ٿو وجھي ، دنيا ۾ ھڪ ارب 80 ڪروڙ مسلمان آھن ـ 57 ملڪ مسلمانن جا آھن، انھن جي هوندي فلسطيني ماريا پيا وڃن، اسان جو  دين ظلم جي خلاف اٿي بيھڻ جو درس ڏئي ٿو، هن چيو ته  سنڌ جي ٻيٽن تي قبضي خلاف مولانا فضل الرحمان  آواز اٿاريو ھو،آئون  مولانا صاحب کي اپيل ٿو ڪريان ته سنڌ جو ليڊر ٿي سنڌ لاءِ آواز اٿاريو ـ اسين سنڌ واسي پاڪستان ٺاھڻ وارا آھيون، ڇا قائداعظم  کي خبر ھئي ته  سنڌ جا وسيلا وڪرو ڪيا ويندا ؟ هن چيو ته نواز ليگ ۽ پي ٽي آءَ جو مقابلو آھي، قرباني جو ٻڪرو وري سنڌ ٿيندي،  پريا ڪماري اغوا ٿئي، اجمل ساوند قتل ٿئي، ڪراچي ۾ اسٽريٽ ڪرائيم آھي، ڪنڌڪوٽ ۽ شڪارپور ۾ ڌاڙيل راڄ آهي، وزير ڌاڙيلن کي ھٿيار آڻي ڏين ٿا ـ ايس يو پي  جي صدر سيد زين شاھ چيو ته قائداعظم پاڻ اليڪشن ۾ نه ويو پر ھن جي ڀيڻ اليڪشن ۾ حصو ورتو، فاطمه جناح کي پڻ اسٽيبليشمينٽ  ڌانڌلي ڪري ھارائي جنرل ايوب کي صدر بڻايو،  2024 جي اليڪشن 2018 کان وڌيڪ خراب ٿي آهي، جي يو اءِ اڳواڻ  مولانا غفور حيدري چيو ته پاڪستان  جي تشڪيل فلاحي اسلامي رياست  تحت ٿي، هتي  جاگيردارن  کي مڙھيو ويو، هن چيو ته سنڌ جي ماڻهن کي پنهنجي حقن لاءِ پاڻ اٿڻو پوندو