موسمي ڦير گهير جا اثر

0
114
موسمي ڦير گهير جا اثر

  گڏيل قومن جو ادارو جنهن کي انگريزي ۾    United Nations Development Programme سڏيو وڃي ٿو سال جا 365 ڏينهن ئي هر ڪنهن ڏينهن جي اهميت بابت ڏينهن ملهائي ٿو. جيئن Tubular Closis واروڏينهن ،ماڻهن جي صحت وارو ڏينهن ۽ ٻيا ڪيترائي اهم ڏينهن. 22 ڊسمبر تي هن سال هن Earth Day  ملهايو. جنهن جو مطلب آهي ته انهي ڏينهن جي اهميت ڇا آهي ۽ اهو ڇو ٿو ملهايو وڃي. ظاهر آهي ته اهو ڏينهن انهي ڪري ملهايو وڃي ٿو هي دنيا ڪيئن قائم رهي سگهندي ۽ انهي تي آفتن جو ڪهڙو اثر ٿيندو؟ انهن ۾ مکيه آفت آهي Climate Change يعني موسمي ڦير گهير.

17 هين صدي جي پڇاڙي يورپي ملڪن ۾ ترقي شروع ٿي. انهي مقصد لاءِ ملڪ ۾ ڪارخانا لڳا، فيڪٽرون شروع ٿيون جن ۾ بجلي پيدا ڪرڻ جي ضرورت ٿي. انهي مقصد لاءِ نامياتي ٻارڻ يعني fossil fuel استعمال ڪيو ويو يعني ڪوئلو، تيل ۽ گيس. پر انهي جي استعمال ڪري دنيا جو گولو گرم ٿيڻ شروع ٿيو. انهي جو مکيه ڪارڻ گرين هائوس گيسون پيدا ٿيڻ لڳيون جن جي اثر هيٺ دنيا جي گولي جو گرمي پد وڌڻ لڳو. انهي جو مکيه سبب اهو هو ته صبح جو موٽندڙ شعائون گرين هائوس گيسن جي ڪري گهٽ پيون موٽن. 1998ع ۾ گڏيل قومن واري اداري انهي مقصد کي حل ڪرائڻ لاءِ هڪ پينل جوڙيو جنهن کي International panel of climate change (I.P.C.C)  موسمي ڦير گهير جو عالمي پينل سڏيو ويو. انهن پينل کي ٽي ڪم ڏنا ويا.

  1. موسمن ۾ ڦير گهير ڇو ٿو اچي؟
  2. موسمي ڦير گهير جو سبب ڪهڙو آهي؟
  3. انهن اثرن جو تدارڪ ڪيئن ڪجي؟

انهي پينل ٻڌايو ته موسمي ڦير انهي ڪري اچي ٿو ته موٽندڙ سج جا شعاع رنڊجن ٿا ۽ انهي ڪري دنيا جو گرمي پد وڌي ٿو. انهي جو سبب هنن گرين هائوس گيسون ٻڌايو. تدارڪ لاءِ اسان کي گيسن جو انگ گهٽائڻو پوندو. هڪڙو طريقو آهي ته گرين هائوس گيسن جو انگ گهٽايو وڃي جنهن کي انگريزي ۾ mitigation  ڪوٺيو وڃي ٿو. ٻيو طريقو آهي ماڻهو پاڻ کي انهي وڌيل گرمي پد تي هيرائين جنهن کي انگريزي ۾ adoptation  چيو وڃي ٿو.

گرين هائوس گيسون ڪيئن گهٽائجن؟

انهي لاءِ ٻه طريقا آهن. هڪڙو اهو ته گرين هائوس گيسن جو انگ گهٽايون ۽ ٻيو اهو ته ماڻهو پاڻ کي وڌيڪ گرمي پد تي هيرائين.

دنيا جي گولي جو گرمي پد ڇو ٿو وڌي؟

اهو انهي ڪري وڌي ٿو ته اسان بجلي پيدا ڪرڻ لاءِ ڪوئلي، تيل ۽ گيس جو استعمال ڪيون ٿا. انهن جي بدران متبادل replaceable  بندوبست نٿو ٿي سگهي؟ ڇو نٿو ٿي سگهي. پر انهي تي خرچ وڌيڪ اچي ٿو مثال طور نامياتي ٻارڻ بدران ڪو بجلي پيدا ڪرڻ جو متبادل ٻارڻ استعمال ڪريون جيئن سولر، ايٽمي عمل، هوائون، سمنڊ جون ڇوليون، زمين جي اندر جي گرمي. ٻيو مسئلو ڇا آهي؟ جيڪي ملڪ تيل پيدا ڪن ٿا جي ايئن ڪيو ويو ته تيل جو کاپ ته گهٽجي ويندو. وري جتي گيس استعمال ڪن ٿا اهي ڪارخانا ته بند ٿي ويندا. وري جن ملڪن ۾ گيس پيدا ٿئي ٿي ته اتي گيس جو استعمال گهٽجي ويندو. معنيٰ اهو هڪ عالمي مسئلو آهي جنهن کي عالمي سطح تي حل ڪرڻ جي ضرورت آهي.

پوءِ ڇا ڪجي؟

جڏهن مٿيون هڪ عالمي مسئلو آهي ته ان جو حل به عالمي سطح تي ٿيڻ کپي. دنيا ۾ عالمي ملڪ آهن آمريڪا، چين، روس، يورپ ۽ هندستان. معنيٰ انهي مقصد لاءِ هڪ عالمي فيصلو کپي. آمريڪي صدر بارڪ اوباما جي ڪوششن سان سال 2015ع ۾ هڪ معاهدو ٿيو جنهن کي پيرس وارو معاهدو سڏجي ٿو. انهي معاهدي ۾ سڀني ملڪن جو خيال رکيو ويو جو ڪي ڪوئلو، گيس يا تيل پيدا ڪندڙ هئا ته ڪي صفا موسمي ڦيرگهير جي نتيجي ۾ متاثر پڻ ٿيا، اهي ملڪ آهن مالديپ ۽ بنگلاديش. معاهدو اهڙو ٿيڻ کپندو هو ته هر ڪنهن ملڪ جو خيال رکيو وڃي معنيٰ ڪجهه ڏي وٺ ٿئي.

پيرس معاهدو

  1. دنيا جو گرمي پد 2 ڊگري سينٽي گريڊ، صنعتي انقلاب واري سطح کان نه وڌڻ کپي.
  2. ڪوشش ڪئي وڃي ته مٿين واڌ گهٽ عرصي ۾ 1.5 ڊگري سينٽي گريڊ کان مٿي نه ٿئي.
  3. ملڪن طرفان ڏنل پروگرام کي مڃيو ويو پر انهي کي هر 5 سالن کانپوءِ ورجايو ويندو ۽ پهريون ورجاءُ 2023ع ۾ ٿيندو.
  4. امير ملڪ غريب ملڪن جي مدد ڪندا رهندا ته جيئن اهي ملڪ گيسن جو اخراج گهٽائين ۽ موسمي ڦير گهير تي پاڻ کي هيرائي سگهن.
  5. انهن ملڪن تي ڪو ڏنڊ نه وڌو ويندو، جيڪي پنهنجي هر ڏنل پروگرام تي عمل نه ڪري سگهن.
  6. متاثر ٿيل ملڪن کي نقصان جو معاوضو نه ڏنو ويندو.
  7. ملڪ ڪاربان جو وڪري ڪري سگهندا.

مٿيون معاهدو هڪ مثالي معاهدو ناهي پر جتي متضاد گهرجون هجن ته اتي مثالي معاهدو ٿي نٿو سگهي. انهي ۾ سڀني ملڪن جو خيال رکڻو ٿو پوي يعني ڪجهه ڏي وٺ ڪرڻي پوي ٿي. پوءِ به هڪ تاريخي معاهدو آهي جو دنيا جا ملڪ ڪنهن نه ڪنهن ڳالهه تي راضي ته ٿيا تنهن کانپوءِ وقت ثابت ڪندو ته اهو ڪيترو ڪامياب ٿيو. دنيا وارن کي پنهنجي جيئڻ ۽ بقا لاءِ گرين هائوس گيسن جو مقدار گهٽائڻو پوندو.

اڳتي ڇا ٿيندو؟

پيرس معاهدي مطابق سال 2023ع ۾ انهي معاهدي جو ورجاءُ ٿيندو. هر سال ان جي ڪانفرنس ٿيندي رهي ٿي. ڏسون سال 2023ع ۾ جيڪو ورجاءُ ٿيندو انهي ۾ ڪهڙو فيصلو ٿيندو. انهي ۾ رڳو هڪڙو سال آهي. توهان به ڏسو ته مان به ڏسان ٿو ته ڪهڙو فيصلو ٿو ٿئي؟