مورڙ ي جي ماڳ ڪلاچي تي ٿيندڙ سياسي ملاکڙو 

0
609

 جنھن وقت ھي آرٽيڪل ۽ اخبار اوھانجي ھٿن ۾ ھوندي ٺيڪ انھي وقت مورڙي جي ماڳ ڪلاچي جي قومي اسيمبلي تڪ اين اي 249 ڪراچي اولھه ٻه تي سياسي ملاکڙو شروع ٿي چڪو ھوندو، جنھن ۾ ملڪ جي مشھور پارٽين جا بيھاريل اميدوار  پنھنجي وس ۽ مقبوليت آھر ميدان مارڻ جي ڪوشش ڪندا. پاڪستان تحريڪ انصاف جي حڪومت ۾ ھي ڪا پھرين ضمني اليڪشن ڪونھي، عمران خان جي اڍائي سالن جي دور حڪومت شايد ڪجھه سٺا ڪم ڪيا به ھجن پر گھڻائي ماڻھن کي پريشان ڪندڙ ڪمن جي رھي آھي جنھن سبب مھانگائي، ڪرپشن، بجلي گئس جي اگھن ۾ واڌ، ڪورونا جو وڌڻ، غير موثر خارجي پاليسين سان گڏ اليڪشن کان پھريان تحريڪ انصاف جي طرفان ڪيل واعدن جو پورو نه ٿيڻ سبب حزب اختلاف جون پارٽيون پوري ملڪ ۾ ٿيندڙ ضمني اليڪشنن جي نتيجن کي حڪومت خلاف چارج شيٽ قرار ڏين ٿيون ۽  ماڻھن ۾ انھن ضمني  اليڪشنن کي دلچسپ مشغلي طور مڃائڻ ۾ ڪامياب ويون آھن جنھن جو مثال قومي اسيمبلي جي ڊسڪه واري تڪ تي ٿيل چونڊ ۽ ان ۾ پئدا ٿيندڙ دلچسپي، سنڌ جي صوبائي توڙي قومي تڪن تي ٿيندڙ ضمني چونڊون ۽ اھڙي طرح سان خيبر پختونخوا ۾ ٿيندڙ معرڪا شامل آھن. 
ھڪ طرف ڪورونا ظالم وبا جي ٽين لھر تباھي مچائي ڇڏي آھي جنھن سبب اسڪول ۽ ٻيا تعليمي ادارا بند ته ٻئي طرف مڪمل لاڪ ڊائون طرف وڌندڙ حڪومتي وکون آھن. اصل ۾ تازو ھندستان ۾ ڪورونا سبب پيدا ٿيل صورتحال اسان واري حڪومتي ھمراھن جون متيون منجھائي ڇڏيون آھن. انھي ڪورونائي وبا جي ڦھلجڻ جو فائدو وٺڻ لاءِ ڪراچي جي اين اي تڪ 249 تي ٿيندڙ ضمني اليڪشن ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي توڙي حڪومتي اميدوار طرفان اليڪشن ڪميشن کي ضمني اليڪشن ملتوي ڪرڻ جون درخواستون ڏنيون پر اليڪشن ڪميشن ڊسڪه واري تڪ تي ٿيندڙ اليڪشن جھڙي بھادري ڏيکاريندي اليڪشن ھر حال ۾ ڪرائڻ جو چئي اھي درخواستون رد ڪري ڇڏيون ۽ سخت ڪورونا ايس او پيز تي رھندي اليڪشن وقت تي ڪرائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
ڪجھه ڏينھن اڳ منھنجو ڪراچي اولھه جي تڪ اين اي 249 جي ڪجھه علائقن رشيد آباد ، بلديه جي مختلف نمبرن  ۾ وڃڻ ٿيو جتي تقريبن سڀني سياسي پارٽين جون سياسي سرگرميون جھڙوڪ جھنڊا بينر، وال چاڪنگ وغيره نظر آيا، پر حڪومتي اميدوار جي طرفان پارٽي نعرن ۽ جھنڊن سان سجايل برانڊيڊ بسون توڙي پاڪستان تحريڪ انصاف جي جھنڊن سان سجايل رولر ننڍين ننڍين گلين ۾ روڊن تي گھمندي ۽ روڊ ٺاھيندي نظر آيا. تڪ اين اي جي سرسري جائزي کان پوءِ سمجھه ۾ آيو ته ھن تڪ ۾ روڊن رستن جي حالت انتھائي خراب آھي، پيئڻ توڙي استعمال ڪرڻ جي پاڻي جو تمام گھڻو مسئلو آھي جڏھن ته مقامي ادارا پري پري تائين نظر ڪونه پيا اچن. 
ساڍا ٽي لک کن رجسٽرڊ ووٽر رکندڙ ھن تڪ کي سياسي چونڊن جي  تاريخ  کي گھرائي سان ڏسجي ته 10آڪٽوبر 2002ع تي ٿيندڙ عام چونڊن ۾ مذھبي جماعتن جي اتحاد متحده مجلس عمل جي اميدوار محمد لئيق خان 26812 کڻي کٽيو ھو، 18فيبروري 2008ع تي ٿيندڙ عام چونڊن ۾ متحده قومي موومينٽ جي اميدوار سيد اقبال قادري 93617 ووٽ کڻي کٽيو ھو (ياد رھي ته ھن تڪ جي تاريخ ۾ ڪنھن ٻي سياسي يا مذھبي پارٽي جو اميدوار ڪڏھن به ايترا ووٽ نه کڻي سگھيو آھي، حالانڪه انھي سال ٿيندڙ اليڪشن بينظير ڀٽو جي شھادت کانپوءِ ٿيندڙ پھرين چونڊ ھئي، بھرحال ڏاڍي جي لٺ کي ٻه مٿا). ان بعد 11 مئي 2013ع تي ٿيندڙ عام چونڊن ۾ متحده قومي موومينٽ جي اميدوار پنھنجي گذريل چونڊن جي تاريخ ورجائيندي ڪاميابي حاصل ڪئي. سڄي ملڪ وانگر ھن تڪ تي آخري عام چونڊ 25جولائي 2018ع تي ٿي جنھن ۾ ايم ڪيو ايم جي ٽٽي وڃڻ سبب نتيجا ڪافي مختلف آيا ۽ تبديلي جي نعري ھيٺ چونڊ وڙھندڙ پارٽي جي اميدوار فيصل واوڊا 35344 ووٽ کڻي پاڪستان مسلم ليگ جي صدر شھباز شريف کان صرف ساڍا ست سو ووٽن تان چونڊ کٽي. جڏھن ته ٽئين نمبر تي ھاڻ پابندي مڙھيل مذھبي سياسي پارٽي جو اميدوار مفتي عابد مبارڪ حسين رھيو جنھن تقريبن چوويھه ھزار ووٽ کنيا، چوٿين نمبر تي ايم ڪيو ايم پاڪستان جو اميدوار اسلم شاھه رھيو جنھن ساڍا تيرهن ھزار ووٽ کنيا ، متحده مجلس عمل جي سيد عطا الله ڏھه ھزار ، پيپلز پارٽي جي قادر خان مندو خيل ست ھزار ۽ ڪراچي جي نئين سياسي پارٽي پي ايس پي جي اميدوار فوزيه حميد سورھن سو ووٽ کنيا.
جيڪڏهن تڪ جي رھائشين کي ڏسجي ته انھي تڪ تي گھڻائي پنجابي ۽ پشتون ڳالهائيندڙن جي آھي جڏھن ته ٿورا گھڻا بلوچ ، سنڌي، ھزاره ۽ ٻيون ٻوليون ڳالهائيندڙ به رهن ٿا،جڏھن ته مذھبي طور تي ڪافي ماڻھن جي وابستگي پابندي پيل مذھبي سياسي تنظيم تحريڪ لبيڪ، سني تحريڪ ۽ متحده مجلس عمل جي پارٽين سان تعلق رکندڙن جي آھي جنھن سبب سياسي توڙي مذھبي پارٽين ھن تڪ تي مناسب ۽ موزون ماڻھن کي ٽڪيٽون ڏنيون آھن. ضمني چونڊون ۾ حصو وٺندڙ اميدوارن ۾ پاڪستان مسلم ليگ طرفان ناڻي جو اڳوڻو وزير ۽ صنعتڪار مفتاح اسماعيل، پاڪستان تحريڪ انصاف جو امجد آفريدي، پابندي پيل مذھبي سياسي پارٽي تحريڪ لبيڪ جو مفتي نظير ڪمالوي ، پي ايس پي اڳواڻ مصفيٰ ڪمال ۽  پيپلزپارٽي طرفان گذريل اليڪشن ھارائيندڙ ۽ سياسي طور غير معروف اميدوار قادر مندوخيل ميدان ۾ لٿل آھن. 
اليڪشن سرگرمين ۾ پاڪستان مسلم ليگ نون “پاڻي کي عزت ڏيو” جڏھن ته پاڪستان تحريڪ انصاف “تبديلي ضروري آھي” تحت پنھنجي چونڊ سرگرمين کي فوڪس ڪيو آھي. جڏھن ته پاڪستان پيپلزپارٽي ھن دفعي اميد جي ابتڙ ڪافي محنت ڪندي نظر آئي آھي ۽ علائقي واسين کي سنڌ گورنمينٽ ۾ ھجڻ سبب زميني حقيقتن کي مد نظر رکندي شايد اھو باور ڪرائڻ ۾ ڪامياب به ويئي آھي ته قومي اسيمبلي ۾ اليڪشن ڪابه پارٽي کٽي علائقي جا ڪم پيپلز پارٽي کي ئي ڪرڻا آھن انھي جي لاءِ پيپلز پارٽيءَ کي ووٽ ڏيئي ڪامياب ڪيو وڃي. پي ايس پي اردو ٻولي جي ووٽ ٽوڙڻ جي ڪوشش ڪئي آھي پر بلديه سانحو سندس ڳچي ۾ پيل آھي ۽ ھاڻ ته بينر به لڳي ويا آھن ته مصطفيٰ ڪمال بلديا واقعي جو جواب ڏي.
ھي مورچو ڪير کٽيندو اھو ته رات دير تائين خبر پئجي ويندي پر حقيقتن کي ڏسجي ته اين اي 249 تڪ ھڪ گھڻ ٻولي، گھڻ ڪلچر توڙي گھڻ مذھبي علائقو آھي جتي ڪنھن کي ڪابه واضح برتري ڪونھي ، جنھن جو اندازو اوھان ايم ڪيو ايم جي ٻن کٽيل چونڊن کانسواءِ ڏسي لڳائي سگھو ٿا ڇو ته ايم ڪيو ايم جي ڪراچي ۾ چونڊن کٽڻ واري طريقيڪار کان ھرڪو واقف آھي. انھي جي لاءِ علائقي جو وڏي ۾ وڏو مسئلو پاڻي ۽ پاڻي کي ووٽ ڏيو جو نعرو لڳائيندڙ مسلم نون ليگ جو اميدوار مفتاح اسماعيل شايد ملھه ماري وڃي ٻئي پاسي پي ٽي آئي جي وفاق ۾ ڪارڪردگي ۽ ڪراچي کي نظر انداز ڪرڻ سبب شايد تبديلي جو نعرو اھو ڪم نه ڏيکاري، جيڪو ھن 2018ع ۾ ڏيکاريو ھو. پيپلز پارٽي جي چونڊ سرگرمين کي ڏسي ڪري اھو اندازو لڳائي سگھجي ٿو ته ڀلي اليڪشن نه به کٽي پر ووٽ بينڪ ضرور وڌائيندي. باقي مذھبي پارٽين سان خصوصي طور پابندي مڙھيل تنظيم تحريڪ ليبڪ سان ھن علائقي واسين جي محبت ۽ ھمدرديون ضرور آھن ، اھي ووٽ ۾ تبديل ٿين ٿيون يا نه اھو نتيجا ئي ٻڌائي سگھن ٿا. مصطفيٰ ڪمال جي پارٽي پاڪستان سرزمين پارٽي کي اڃان علائقي ۾ گھڻو ڪم ڪرڻو پوندو، ڇوته ماڻھو سمجھن ٿا ته اھا ايم ڪيو ايم جي بي ٽيم آھي. 
نتيجا ڀلي ڪھڙا به اچن پر ھڪ ڳالھه ضروري آھي چونڊون صوبائي ھجن، قومي ھجن يا بلدياتي ھجن پنھنجي ووٽ جو استعمال ھميشه پڙھيل لکيل، باڪردار ۽ علائقي لاءِ ڪم ڪندڙ اميدوار کي ڏيڻ گھرجي جيڪو حڪومت ۾ ھوندي يا نه ھوندي به عوام سان عوامي مسئلن تي گڏ ھجي.