مورو (رپورٽر) وفاقي توڙي سنڌ حڪومت طرفان پيش ڪيل بجيٽ کي مورو جي سياسي سماجي ڌرين دڪاندارن پورھيتن اخبار فروشن مڪمل طور تي عوام دشمن بجيٽ قرار ڏيندي رد ڪري ڇڏيو، ان سلسلي ۾ امير بخش سرھيو، جلال سولنگي، حاجي خان، خدا بخش، احمد علي ميمڻ، محمد عيسيٰ ڪورائي، محمود علي اعواڻ، ايڊووڪيٽ سجاد علي مستوئي ۽ ٻين چيو ته وفاق ۽ سنڌ حڪومت پاران پيش ڪيل بجيٽ ۾ هر شئي مھانگي ڪئي وئي آهي،  سمورو بار غريب طبقي مٿان وڌو ويو آهي، بجيٽ ۾ پورھيت طبقي لاءِ سوچيو وڃي، جيڪا ملازمن جي پگهارن ۾ واڌ ٿي آهي اها ٽيڪس جي مد ۾ اوڳاڙي ويندي ۽ کاڌي پيتي جون شيون سستيون ڪيون وڃن ته جيئن عوام سک جو ساھ کڻي سگھي.