مورو (ن پ ا) مورو ۾ بجلي چوري کي روڪڻ لاءِ ٽاسڪ فورس ٽيم عقيل جوڻيجو جي اڳواڻي ۾ ڇاپا هڻي غير قانوني بجلي ڪنيڪشن ڪاٽي ڇڏيا، ٽاسڪ فورس ٽيم مورو باءِ پاس تي ڇاپو ھڻي غير قانوني لڳل ڪنيڪشن ڪاٽيا ۽ بجلي چوري ڪندڙن خلاف قانون مطابق مورو ٿاڻي تي بجلي چوري جو ڪيس داخل ڪرائي ڇڏيو، ٽين جو چوڻ هو ته بجلي چوري کان پاسو ڪيو وڃي، چوري ۾ جيڪو به ملوث ھوندو ان خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي.