مورو ويجهو هٿياربندن جو حملو، آصف زرداري جي گارڊ سميت 3 ڄڻا قتل

0
206

مورو (رپورٽ: وحيد مستوئي) مورو ويجهو زرداري برادري جي ٻن ڌرين ۾ خوني جهيڙي دوران اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جي پرسنل گارڊ سميت 3 ڄڻا مارجي ويا، 5 ڄڻا زخمي ٿي پيا

علائقي واسين موجب ڳوٺ دُنبير ۾ نياز زرداري ڌر جي هٿياربندن غلام نبي زرداري ڌر جي ماڻهن تي فائرنگ ڪري ڏني، گوليون لڳڻ سبب آصف علي زرداري جي پرسنل گارڊ غلام نبي عرف ونجو زرداري سميت 3 ڄڻا مارجي ويا

 مارجي ويلن ۾ غلام نبي زرداري کانسواءِ سندس ڀاءُ حاجي قاسم زرداري ۽ ارشاد علي عرف بگو زرداري به شامل آهن، زخمين ۾ غلام نبي زرداري جو ڀائٽيو برڪت زرداري به شامل آهن

مقتولن جا لاش ۽ زخمي مورو جي تعلقي اسپتال منتقل ڪيا ويا، مقتولن جي وارثن جو چوڻ آهي ته قاتل گرفتار ٿيڻ تائين اسپتال مان لاش نه کڻنداسين

 واقعي بعد ڌرين ۾ ڇڪتاڻ تيز ٿي وئي، نوشهرفيروز ضلعي جي مختلف ٿاڻن تان پوليس اٽالا ۽ رينجرز به طلب ڪئي وئي، علائقي واسين موجب زرداري برادري جي ٻنهي ڌرين ۾ زمين جي مالڪي تان تڪرار هلندڙ هو