مورو (ن پ ا) مورو ويجھو درس روڊ ڀٽائي وليج وٽ موٽرسائيڪل ۽ ٽريڪٽر ٽرالي ۾ ٽڪر ٿيڻ جي نتيجي ۾ نوجوان علي عابد عرف پسند جيسر سخت زخمي ٿي پيو، جنھن کي تعلقي اسپتال مورو آندو ويو، جتي هو زخمن  جا سور نه سھندي فوت ٿي ويو، فوتي نوجوان صحافي علي دوست جيسر جو ڀاءُ هو، پوليس ٽريڪٽر ڊرائيور کي گرفتار ڪري وڌيڪ جاچ ڪري رهي آهي۔