مورو (ن پ ا) مورو ويجھو ڳوٺ باگو سيٺار ۾ سيٺار برادريءَ جي ٻن ڌرين ۾ ھلندڙ سنڱاوتي تڪرار تيز ٿي ويو، ھڪ ٻئي جا رستا بند ڪرڻ تان جھيڙو، فائرنگ سبب ھڪ ڄڻو رزاق سيٺار قتل، 4 مھينن جي ٻارڙي سميت 7 ڄڻا زخمي ٿي پيا، جن زخمين کي مورو اسپتال آندو ويو، زخمين ۾ علي نواز سيٺار، فياض سيٺار، ڏاڙھون سيٺار جڏھن ته ٻي ڌر مان آصف سيٺار سندس 4 مھينن جي نياڻي خوشبو، اعجاز ۽ طالب سيٺار شامل آھن، جن کي ڊاڪٽر پاران طبي امداد ڏيڻ بعد ڏاڙھون، علي نواز، فياض ۽ ٻارڙي خوشبو کي نوابشاھ جي اسپتال منتقل ڪيو ويو، ان دوران قتل ٿيندڙ رزاق سيٺار جي وارثن جو چوڻ ھو ته اسان جو رستي جي لنگھه تان گذريل ڏينھن جھيڙو ٿيو، اڄ صبح سوير فائرنگ ڪئي وئي ۽ رزاق سيٺار مارجي ويو ۽ ٽي ڄڻا زخمي ڪيا ويا آھن، پوليس کي بروقت اطلاع ڏنو پر نه پھتي جنھن ڪري علائقي ۾ خوف واري فضا قائم ٿي وئي، جڏھن ته قتل ۽ زخمي ٿيندڙن جو ڪيس وغيره داخل ناھي ٿي سگھيو، نه وري ڪا گرفتاري عمل ۾ اچي سگھي آھي، صرف نوان جتوئي ٿاڻي تي رپورٽ داخل ڪئي وئي آهي.