مورو (ن پ ا) مورو جي ڳوٺ جمعو نوريو مان عورتاڻي آواز تي هرکجي اغوا ٿي ويل سراج الدين لنجار 23 ڏينهن گذرڻ باوجود بازياب نه ٿي سگهيو آهي، جڏهن ته اغوا ڪندڙن 30 لک رپيا ڀنگ طلب ڪيو آهي، ان ڏس ۾ مغوي جي ڀاءُ غلام علي عرف پپن لنجار پڦي سان گڏ پاڪ ڪتاب کڻي احتجاجي مظاهرو ڪيو، هنن چيو ته اسان مسڪين پورھيت آھيون، اسان وٽ 30 لک ڪٿان آيا، جيڪي اغوا ڪندڙن کي ڏئي ڀاءُ کي بازياب ڪرايون، هنن چيو ته مجبور ٿي نوجوان جي بازيابي لاءِ پاڪ ڪتاب گهمائي رهيا آهيون، ھنن چيو ته اغوا ڪندڙ ڀنگ نه ڏيڻ جي صورت ۾ مغوي کي مارڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن.