نئين دهلي (م ڊ) مودي حڪومت هارين آڏو گوڏا کوڙيندي تڪراري زرعي قانون واپس وٺڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، هارين عملدرآمد تائين احتجاج جاري رکڻ جو اعلان ڪيو آهي، مودي حڪومت گذريل هڪ سال کان ملڪ ۾ هلندڙ هارين جي احتجاج آڏو گوڏا کوڙيندي زرعي اصلاحات جي نالي تي منظور تڪراري زرعي قانون کي واپس وٺڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. ڀارتي ميڊيا موجب وزيراعظم نريندر مودي قوم کي خطاب ڪندي ڀارت جي مختلف رياستن ۾ احتجاج تي ويٺل هارين کي گهر ڏانهن واپس موٽڻ جو مشورو ڏيندي چيو آهي ته حڪومت نئين زرعي قانون کي ملتوي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. نريندر مودي وڌيڪ چيو ته وفاقي حڪومت پارليامينٽ مان 2020 ۾ پاس ٿيل 3 زرعي قانون واپس وٺڻ جو فيصلو ڪيو آهي. حڪومت هلندڙ مهيني جي آخر ۾ ٿيندڙ پارليامينٽ جي اجلاس ۾ باقاعده قائدن ۽ ضابطن ذريعي زرعي قانون کي ملتوي ڪندي، ڀارتي ميڊيا جي رپورٽن موجب نريندر مودي طرفان تڪراري زرعي قانون کي ملتوي ڪرڻ جو اعلان اهڙي وقت ۾ سامهون آيو آهي جڏهن ڪجهه ئي مهينن کانپوءِ ڀارتي پنجاب سميت 5 رياستن ۾ چونڊون شروع ٿي رهيون آهن.