موت جو ڪاروبار ۽ خاموش اختياريون

0
252
“مسئلا گھر بڻيل” سول اسپتال ڪراچي ۽ سرڪار جون دعوائون!!

فاروق سومرو سکر مان لکي ٿو

پاڪستان اندر ھر قسم جي شيءَ ۾ ملاوٽ وارو ڪاروبار عام ٿي ويو آھي. کاڌ خوراڪ وارين شين، انساني جانيون بچائڻ لاءِ استعمال ٿيندڙ دوائن سميت ھر شيءَ ۾ ملاوٽ واريون شڪايتون سامھون اينديون رھيون آھن. ايئن ناھي ته ملاوٽ توڙي غيرقانوني ڪاروبار جي روڪٿام لاءِ ادارا موجود ناھن، ادارا موجود آھن پر بدقسمتيءَ سان اُھي اِن ڪاروبار ۾ سڌي توڙي اڻ سڌي طرح ملوث ھجن ٿا. جڏھن انھن ادارن ۾ ڪم ڪندڙ آفيسر ايندا آھن ته انھن جو ڪم به ظاھر ٿيندو آھي، جنھن جو مثال سنڌ فوڊ اٿارٽي آھي. جڏھن کان سنڌ فوڊ اٿارٽي ۾ ميڊم عائشا جوڻيجو مقرر ٿي آھي تڏھن کان کاڌ خوراڪ وارين شين ۾ ملاوٽ توڙي غير معياري شين خلاف ڪارروايون سامھون آيون آھن. سکر ۾ ورھين کان کائڻ جي استعمال ھيٺ ايندڙ ڳاڙھا مرچ ڪيميڪل، جانورن جي کائڻ لاءِ استعمال ٿيندڙ ڪَٽي توڙي ڳاڙھين سِرن، ڪلرز جو استعمال ٿيندو آيو آھي، مسعود احمد بنگش جڏھن اي ايس پي ھو تڏھن ھن اھڙي غيرقانوني ڪم ڪندڙن خلاف ڪارروائي ڪئي ھئي وري ھينئر ڪجھه مھينا اڳ عائشا جوڻيجو ڪارروائي ڪندي ٻڌايو ھو ته اھي مرچ انساني صحت لاءِ ھاڃيڪار آھن جيڪي تيار ٿي سکر توڙي لاڙڪاڻو ڊويزن تائين وڪرو ٿين ٿا. ڪجھه سالن کان ڳجھه ڳوھ ۾ خطرناڪ انساني جانين سان کيڏڻ جھڙو ڪاروبار شروع ڪيو ويو آھي.
اڳ بلڊنگس، گھرن، آفيسن، پلازائن ۾ استعمال ٿيندڙ تعميراتي مٽيريل ۾ ملاوٽ جو سوال ئي پيدا نه ٿيندو ھو پر پئسن جي حوس، جلد امير ٿيڻ جي لالچ ۾ ماڻھو کان انسانيت وسري چڪي آھي، اھڙن ئي ماڻھن طرفان جعلي، نقلي توڙي غيرقانوني سمينيٽ ٺاھڻ وارو ڪاروبار شروع ڪيو ويو آھي، جيڪو ڏينھن ڏينھن ڦھلجي رھيو آھي. ڪجھه مھينا اڳ سکر شڪارپور روڊ تي بند پيل فلور مل ۾ وڏي پئماني تي اڪثر ڪمپنين جو جعلي سيمينٽ تيار ٿيڻ جو انڪشاف ٿيو ھو، پوليس باقائدگيءَ سان چڙھائي ڪري اعتراف ڪيو ھو ته ھِتي جعلي سيمينٽ ٺھندو آھي ۽ وڏي تعداد ۾ جعلي سيمينٽ جون ٻوريون پوليس پنھنجي تحويل ۾ ورتيون ھيون، ڪجھه ماڻھن کي گرفتار به ڪيو ھو پر اُنھن کي بعد ۾ آزاد ڪيو ويو، چڙھائي دوران سيمينٽ جو ڪاروبار ڪندڙ اڪثر وڏين ڪمپنين جا خالي پاٺا توڙي ڀريل جعلي سيمينٽ سان ڀريل ٻوريون موجود ھيون، ايف آءِ آر به داخل ٿي، پر جڏھن اھڙو غيرقانوني ڪم ڪندڙن مٿان جن بااثر ماڻھن جو ھٿ ھجي ٿو اُنھن پنھنجو اثر رسوخ ڏيکاريو ته ڪارروائي ڪندڙ ايس ايڇ او ۽ وڏو منشي تبديل ٿي ويو، جنھن مک جوابدار خلاف ايف آءِ آر داخل ٿي اُھو اڄ تائين پوليس گرفتار ڪرڻ ۾ ناڪام آھي. ڇاپي واري ھنڌ تان ته ذريعا ٻڌائين ٿا ته جعلي، نقلي ۽ غير معياري سيمينٽ ٺاھڻ وارو ڪم بند ٿي ويو آھي پر ھڪ ٻئي ھنڌ تي سرعام ھلي رھيو آھي جيڪو سيمينٽ مارڪيٽ ۾ وڪرو موجود آھي، جنھن متعلق سيمينٽ جو ڪاروبار ڪندڙ لڳ ڀڳ اڪثر ماڻھن کي ڄاڻ آهي. تازو ئي گھوٽڪي ضلعي جي ڏھرڪي ۾ مبينا طور نقلي سيمينٽ سان ڀريل ٽرڪ پڻ تحويل ۾ ورتي وئي. نقلي توڙي غير معياري سيمينٽ جيڪي ٽرڪون ڀرجي ڀرجي ھڪ ضلعي کان ٻئي ضلعي پھچي رھيون آھن اُھي ظاھر آھي تعميراتي ڪمن ۾ استعمال ٿينديون ھونديون. جيڪڏھن ترقياتي ڪم غير معياري سيمينٽ سان ٿيندا ھجن، يا ٿيا ھجن ۽ خدا نه ڪري جيڪڏھن ڪو جاني نقصان ٿئي ٿو ته اُن جو ذميوار ڪير ھوندو؟ ٻين ڊويزنن جي ڄاڻ ناھي پر سکر ڊويزن جي انتظاميا اِن معامري ۾ مڪمل طور تي غير سنجيدگيءَ جو مظاھرو ڪندي پئي اچي، سکر پوليس ڪارروائي ڪري اھڙي انساني جانين سان کيڏڻ جھڙي ڪڌي ڪاروبار جو انڪشاف ڪيو ھو پر اِن باوجود افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته ڪمشنر سکر ڊويزن، ڊپٽي ڪمشنر سکر توڙي ڄاڻايل معامرن کي ڏسندڙ لاڳاپيل ادارن ڪو به تحرڪ نه ورتو، ڄڻ ته ڪجھه ٿيو ئي ناھي؟ ايڏي غير سنجيدگي، عدم دلچسپي ۽ بي ڌيانيءَ جو ڇا مطلب سمجھجي؟ ڇا اھڙو ڪڌو ڪاروبار ڪندڙ بااثر ماڻھن جا ھٿ ايڏا وڏا آھن جو ذميوار ادارا به ھٿ وجھڻ کان لنوائي رھيا آھن؟ ڇا نقصان کان اڳ سنڌ حڪومت يا لاڳاپيل اختياريون ڪا ڪاميٽي تشڪيل ڏئي اھڙو ڪاروبار روڪرائڻ جي ڪوشش به نٿيون وٺي سگھن؟ يا اهي اِن جي انتظار ۾ آھن ته نقلي سيمينٽ سبب ڪو وڏو جاني نقصان ٿئي ته پوءِ اِن معامري متعلق انڪوائري ڪاميٽي ٺاھين؟ لڳ ڀڳ ٻه سال اڳ سکر جي مصروف ترين گھنٽا گھر چوڪ ڀرسان ھڪ ٽه ماڙ عمارت اوچتو ڌماڪي سان ڪري پئي ھئي جنھن ۾ ھڪ ئي خاندان جا ڀاتي اجل جو شڪار ٿيا ھئا اِن دوران سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي توڙي سکر ميونسپل ڪارپوريشن طرفان ھڪ لسٽ سامھون آندي وئي جنھن تحت 74 عمارتن کي انتھائي خطرناڪ قرار ڏئي فوري طور تي خالي ڪرائڻ جو چيو ويو، پر انھن مان ھن وقت تائين ھڪ به عمارت کي خالي ناھي ڪرايو ويو. ايتري حد تائين جو ھڪ عمارت کي انتھائي خطرناڪ قرار ڏئي ھڪ کان وڌيڪ ڀيرا ڊاھڻ، يا خالي ڪرائڻ جي لاءِ ڪاغذي ڪارروائي ڪئي وئي ھئي اُن جي ڇت تي به غيرقانوني طور تي اڏاتون، تعميراتي ڪم تازو ڪرايا ويا آھن . ھڪ ٻيو مثال جڏھن ٻه مسافر ويگنن، يا گاڏين سان حادثو ٿيندو آھي ته ٽرانسپورٽ واري وزارت يا وڏي وزير کي ٽرانسپورٽ ياد ايندي آھي وٺ پڪڙ شروع ٿي ويندي آھي پر حادثيءَ جي ڪجھه ڏينھن کان پوءِ وري ساڳيو ڪم شروع ٿي ويندو آھي، تنھن ڪري جعلي سيمينٽ جو ڪاروبار ڪندڙن جي پٺيان ڪير به آھي انھن کي وائکو ڪرڻ يا انھن خلاف ڪارروائي ڪرڻ سنڌ حڪومت جي ذميواري آھي. جعلي سيمينٽ ڪنھن نئين ٺھندڙ سرڪاري بلڊنگس ۾ استعمال ٿي رھيو آھي يا ڪنھن وچولي طبقي جي ماڻھوءَ جي گھر جي تعمير ۾ استعمال ٿئي پيو، پنھنجي پوري زندگيءَ ڪمائي ٿوري ٿوري رقم گڏ ڪري پنھنجي اولاد جي شادي دوران گھر ٺھرائيندڙ ڪنھن پورھيت کي ته اُھو جعلي سيمينٽ اصلي رقم ۾ نٿو ڏنو وڃي، اھا خبر مون کي ته ناھي البته انھن جعلي سيمينٽ جو ڪاروبار ڪندڙ بااثر ھٿن توڙي انھن جي سھولتڪار ڊيلرز کي آھي، جن کي چڱي ريت ڄاڻ آھي ته ڪڏھن نه ڪڏھن انھن جي سيمينٽ سان ٺھيل جايون مٽيءَ جي ڍير ۾ تبديل ٿي وينديون ۽ انھن عمارتن ۾ رھندڙ امير ھجي يا غريب اجل جو شڪار ٿي سگھي ٿو پر انھن جا جذبا توڙي احساس پئسن جي لالچ، حوس ۾ لڙھي ويا آھن، مان انھن کي ٻڌائڻ چاھيان ٿو ته جيڪو ماڻھو ٻين جي لاءِ کڏ کوٽيندو آھي اُھو پاڻ به ڪڏھن ڪڏھن ڪري پوندو آھي، ٿي سگھي ٿو اُھو جعلي سيمينٽ انھن جي ئي ڪنھن وارثن جي گھرن جي تعمير ۾ استعمال ٿيو ھجي يا مستقبل ۾ ٿئي. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھه، ڊويزن، ضلعي سطح تي موجود انتظاميا توڙي چونڊيل نمائندن کي اھڙو ڪڌو ڪاروبار روڪرائڻ جي لاءِ سجاڳ ٿيڻ گھرجي. وقت سِر جعلي، نقلي ۽ غير معياري سيمينٽ جو ڪاروبار ڪندڙن کي قانون جي ڪٽھڙي ۾ آڻي انساني جانيون ضايع ٿيڻ کان بچائي سگھجن ٿيون.