ڪراچي (انٽرسٽنگ نيوز) دنيا ۾ اهڙا به وڻ موجود آهن جيڪي نانگن جو ڌيان ڇڪائين ٿا. انهن وڻن ۾ مختلف وڻ اچي وڃن ٿا. هڪ وڻ ديال جو آهي، جيڪو هڪ گھاٽو ڇانوَ ڏيندڙ وڻ ٿئي ٿو. هن وڻ جي ڪاٺيءَ جي هڪ خاص خوشبوءِ هجي ٿي، جيڪا نانگن جو ڌيان ڇڪائي ٿي. ٻيو وڻ سِٽرس جو آهي، جنهن جڪو ميوو کائڻ لاءِ مختلف پکي، ڪوئا ۽ ٻيا جانور ان باغ جو رخ ڪن ٿا جتي اهو وڻ پوکيل هجي ٿو. اهو ئي سبب آهي جو هي وڻ شڪار ڪرڻ ۾ نانگ جي مدد ڪندو آهي. سه شاخا (ڪلوور) جو وڻ به نانگن جو ڌيان پاڻ ڏانهن ڇڪائي  ٿو. هن ۾ خوبصورت گل ٿيندا آهن ۽ اهو ٻوٽو نانگن کي پناهه به ڏيندو آهي. ان ڪري ان ٻوٽي ۾ نانگ لڪي رهڻ پسند ڪري ٿو. موتيي جو ٻوٽو به پنهنجي خوشبوءَ جي ڪري نانگن جي پسند جو وڻ آهي.