اسلام آباد/ڪراچي: سياسي پارٽين چونڊن واري ڏينهن موبائل فون ۽ انٽرنيٽ سروس جي بندش تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي ان کي جمهوريت خلاف قرار ڏنو، پ پ، جماعت اسلامي ۽ پي ٽي آءِ اليڪشن ڪميشن ۽ چيف جسٽس آف پاڪستان کي خط لکي ڇڏيا. ان حوالي سان عام چونڊن ۾ موبائل ۽ انٽرنيٽ سروس جي بندش خلاف پ پ اڳواڻ شيري رحمان صوبائي اليڪشن ڪميشن ۾ درخواست داخل ڪري ڇڏي. پيپلز پارٽي جي نائب صدر سينيٽر شيري رحمان صوبائي اليڪشن ڪميشن آفيس پهتي جتي هن لاهور ۾ انٽرنيٽ ۽ موبائل سروس جي بندش خلاف پٽيشن جمع ڪرائي. ان موقعي تي صحافين سان ڳالهيون ڪندي شيري رحمان چيو ته چونڊن جي ڏينهن انٽرنيٽ ۽ موبائل نيٽ ورڪ جي بندش تي ڳڻتي آهي. اليڪشن جو ڏينهن آهي. موبائل ۽ انٽرنيٽ بند ڪرڻ جمهوريت ۽ چونڊ عمل جي ابتڙ آهي. ٻئي طرف پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي انچارج سينٽرل اليڪشن سيل پاڪستان سينيٽر تاج حيدر ملڪ اندر انٽرنيٽ ۽ موبائيل فون سروس بندش تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو. تاج حيدرچيف جسٽس آف پاڪستان کي خط لکي صورتحال جو نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ڪيو، هن چيو ته ملڪ اندر انٽرنيٽ ۽ موبائيل فون جي بندش وارو عمل عام چونڊن تي شديد اثرانداز ٿي رھيو آھي. ووٽرز پنھنجي پولنگ اسٽيشن متعلق معلومات تائين رسائي حاصل ڪرڻ يا پولنگ اسٽيشنن تائين رسائي ۾ پريشان رهيا، هن چيو ته پولنگ واري ڏينھن انٽرنيٽ بند نه ڪرڻ جا واضع حڪم اسلام آباد ھاءِ ڪورٽ 2018 ۾ ڏنا ھئا. انھن حڪمن جي خلاف ورزي ڪندي سروس بند ڪئي وئي. هن چيو ته ميرپور خاص ۾ اسان جي ھڪ ڪارڪن کي گولي ھڻي قتل ڪيو ويو ۽ ھڪ ڪلاڪ کانپوءِ اسان کي قتل جي ڄاڻ ملي. هن چيو ته موبائيل نيٽورڪ ووٽر ٽرن آئوٽ کي به متاثر ڪيو اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان کي اسان جي درخواست باوجود انھن سروس بحال نه ڪئي. چيف جسٽس ان معاملي جو نوٽيس وٺي، خط جون ڪاپيون چيف جسٽس اسلام آباد ھاءِ ڪورٽ، چيف جسٽس لاھور ھاءِ ڪورٽ، ڪي پي ڪي ھاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس، سنڌ ھاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس ۽ چيئرمين پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪيشن اٿارٽي اسلام آباد کي موڪليون ويون آھن، هوڏانهن پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري موبائل فون سروس فوري بحال ڪرڻ جو مطالبو ڪيو، موبائل فون سروس بندش تي بلاول ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو ته موبائل فون سان لينڊ لائن تي به ڪال نٿي وڃي صرف وي پي اين ڪم ڪري رهي آهي، هن چيو ته موبائل فون بندش تي اليڪشن ڪميشن ۽ عدالت سان رابطو ڪنداسين،پاڪستان تحريڪ انصاف ۽ جماعت اسلامي موبائل فون ۽ انٽرنيٽ سروس بند ڪرڻ تي اليڪشن ڪميشن کي خط لکي ڇڏيا، پي ٽي آءِ پاران اليڪشن ڪميشن کي خط لکيو ويو، جنهن ۾ چيو ويو ته انٽرنيٽ سروس معطل ٿيڻ سان شهرين کي ڏکيائي ٿي رهي آهي، پوري ملڪ ۾ فوري طور موبائل فون ۽ انٽرنيٽ سروس بحال ڪئي وڃي. هوڏانهن جماعت اسلامي به اليڪشن ڪميشن کي خط لکي چيو ته انٽرنيٽ ۽ موبائل فون سروس بندش سان ڌانڌلي جا خدشا وڌي ويا آهن، سروس بند ڪرڻ ڪنهن گهري سازش جو اشارو آهي.