جيڪب آباد: جوابدار نارين وٽان موبائيل فون هٿ اچڻ تي ڪارنهن تهمت هيٺ ٻنهي نارين کي قتل ڪيو، پوليس ذريعن کان مليل ڄاڻ موجب جوابدار علينواز جکراڻي ٻنهي نارين وٽان موبائيل فون هٿ ڪيو، موبائيل فون جي رڪارڊنگ ۾ غير مرد سان ٿيل ڳالهيون جوابدار ٻڌيون، جوابدار نارين کان پڇاڻو ڪيو ته موبائيل ڪنھن آندو آهي، جنهن تي نارين نينگر يار محمد جو نالو کنيو، جوابدار ڪاوڙ ۾ اچي ٻنهي نارين کي ٿڏي تي قتل ڪري پنهنجي پٽ يار محمد کي پڻ بندوق جو فائر ڪري مرڻينگ ڪري ڇڏيو ۽ فرار ٿي ويو.