لاهور (شوبز نيوز) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ مان ٻاهر ٿيڻ تي شوبز شخصيتون مايوس آهن. مشهور اداڪار ۽ ميزبان سلمان شيخ عرف ماني انسٽاگرام تي اسٽوري شيئر ڪندي قومي ٽيم جي بدترين ڪارڪردگي تي بابر اعظم کي ذميوار قرار ڏنو. هن اسٽوري شيئر ڪندي لکيو ته قومي ٽيم بابر اعظم جي ڪپتاني ۾ 3 ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ، 1 ون ڊي ورلڊ ڪپ، 2 ايشيا ڪپ کيڏيا پر ان سفر جي انتهائي ڏکيندڙ پڄاڻي ٿي. اداڪار نعمان حبيب سوشل ميڊيا تي ان حوالي سان خيالن جو اظهار پيش ڪندي ان کي جهڙي ڪرڻي تهڙي ڀرڻي جو صلو قرار ڏئي ڇڏيو.
هن پنهنجي پوسٽ ۾ لکيو ته اڄ ثابت ٿي ويو ته ٻين لاءِ بددعا ڪرڻ پنهنجي پاڻ تي پئجي سگهي ٿو، بابر اعظم بيٽسمين طور تي ملڪ ۽ قوم جو نالو سدائين روشن ڪيو، جنهن ڪري هن جو مداح آهيان ۽ سدائين رهندس، پر هو ناڪام ڪپتان آهي. ان کان اڳ اداڪار ۽ ميزبان احمد علي بٽ خانگي ٽي وي شو ۾ ڳالهائيندي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ گرين شرٽس جي بدترين ڪارڪردگي تي تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو جو ته جيڪي رانديگر ملڪ ۾ نخرا ڏيکاريندا آهن اهي وري انٽرنيشنل رانديگر آڏو پنهنجي اوقات ڏيکاري ڇڏين.