سکر(بيورو رپورٽ) ڪورونا صورتحال کي نظر ۾ رکندي غلام محمد مھر ميڊيڪل ڪاليج ۾ تدريسي عمل بند ڪيو ويو آهي، شاگردن کي ڪورونا کان بچاءٌ لاءِ ھاسٽل خالي ڪرڻ جي به ھدايت. اِن ڏس ۾ غلام محمد مھر ميڊيڪل ڪاليج جي پرنسپل پروفيسر ڊاڪٽر ذوالفقار علي سومرو ڪورونا جي ٽئين لھر کي نظر ۾ رکندي ڪاليج ۾ تدريسي اڻ ڄاڻايل تاريخ تائين ملتوي ڪري ڇڏيو آھي، جاري ڪيل سرڪيولر ۾ ڄاڻايو ويو آھي ته ايندڙ حڪمن تائين تدرسي عملي بند رھندو، جڏھن ته جي ايم سي جي شاگردن ۽ شاگردياڻين کي ھاسٽل به خالي ڪري احتياطن پنھنجي گھرن ڏانھن وڃڻ جي پڻ ھدايت ڪئي وئي آھي.