مهانگو ڪيل پيٽرول هاڻي سستو نه ٿيندو: سڌ سماءَ وارو نگران وفاقي وزير

0
166

اسلام آباد:مهانگو ڪيل پيٽرول هاڻي سستو نه ٿيندو، نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جي پهرين اجلاس ۾ اظهار ڪيو ويو آهي

وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته ڏيهي توڙي پرڏيهي سطح تي رياست جا ڪيل سمورا وعدا پورا ڪنداسين، رياست اقليتن کي نقصان پهچائيندڙن سان گڏ نه آهي

وزيراعظم اجلاس ۾ چيو ته وقت سر چونڊون ڪرائڻ اسان جو فرض آهي، قانون جي حڪمرانيءَ تي ڪو به سمجهوتو نه ڪنداسين، اقليتن خلاف ڪارروائيون ڪندڙن کي قانون جي دائري ۾ رهي منهن ڏينداسين

وفاقي ڪابينا جي اجلاس بعد ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي سڌسماءَ واري نگران وزير مرتضيٰ سولنگي چيو ته چونڊون ڪرائڻ اليڪشن ڪميشن جو ڪم آهي، اليڪشن ڪميشن کي چونڊون ڪرائڻ ۾ ڀرپور ساٿ جي خاطري ڪرائي آهي

هن چيو ته آءِ ايم ايف سان ڪيل وعدن تي عمل ڪرڻو پوندو، آءِ ايم ايف سان ڪا به سبسڊي نه ڏيڻ جو وعدو ڪيو ويو آهي، مهانگو تيل خريد ڪري سستو وڪرو ڪرڻ ممڪن ناهي

هي به پڙهندا

اقليتن کي نقصان پهچائيندڙن کي سختي سان منهن ڏينداسين: نگران وزيراعظم