مهانگائي کي روڪڻ لاءِ ڪنهن کي چئون؟

0
186
عالمي ڏينهن تي پورهيتن پچار

اسان جي هن خوبصورت دنيا ۾ سموريون پاليسيون ۽ سمورا قدم عام ماڻهو جي حفاظت، خوشحالي، ڀلائي ۽ فلاح لاءِ کنيا ويندا آهن ان عام ماڻهو کي سياسي اصطلاح ۾ عوام چيو ويندو آهي. سمورين حڪومتن جو فرض سمجهيو ويندو آهي ته اهي عوام مان چونڊجي اچي حڪمراني ڪنديون، عوام تي حڪمراني ڪنديون ۽ عوام لاءِ ئي حڪمراني ڪنديون. گڏيل قومن جو چارٽر، انساني حقن جي پڌرائي ۾ به اهي ئي فرض حڪومتن تي لاڳو ڪيا ويا آهن. پر حقيقتون ان جي ابتڙ آهن. آئيڊيل حالتون ته دنيا ۾ ڪٿي به نه آهن ته حڪومتون عوام جي ڀلائي لاءِ سمورا ڪم ڪنديون هجن پر ٽين دنيا جي اسان جي ملڪ جهڙن ملڪن ۾ حالتون اڃا به خراب آهن. اتي عوام کي ڪي سهولتون مليل نه آهن انهن جو گذارو ايترو ته ڏکيو بڻايو ويو آهي جو کين کائڻ لاءِ به ڪجهه ناهي ملندو. ٻين حقن جي ڳالهه ته پري آهي پر حڪومتن جو اولين فرض آهي ته عوام کي خوراڪ جون سهولتون اهڙيون فراهم ڪيون وڃن جو انهن جو جيئڻ جو بندوبست سهڻي نموني ٿي سگهي. خوراڪ ۽ خدمتن جا اگهه ايترا گهٽ هجڻ گهرجن جو انهن جي واهپي ۾ عام ماڻهو کي ڪا تڪليف نه ٿئي. سڌريل ملڪن ۾ به اها صورتحال ايتري سٺي نه آهي پر اسان جي ملڪ ۾ ته هاڻ عام ماڻهو جي زندگي سهڻي هوندي اهو رڳو تصور ئي ڪري سگهجي ٿو. اسان وٽ مهانگائي ايتري ته وڌي وئي آهي جو هاڻ عوام رستن تي اچي ويو آهي ته ٻيو ته ڇڏيو پر اسان کي جيئڻ لاءِ هڪ ويلي تي هڪ ماني کائڻ جو حق ته ڏيو.

ملڪ ۾ مهانگائي جي صورتحال ڪهڙي آهي ان جو مثال اهو آهي ته سال 2022ع پاڪستان ۾ مهانگائي جا سمورا رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا. خوراڪ عوام جي خريداري قوت مان نڪري وئي. دالون، چانور، اٽو ۽ مصالحا به ملڪي تاريخ ۾ سڀ کان مهانگا ٿي ويا. هلندڙ سال اڍائي نمبر اٽو 46 رپيا ڪلو مهانگو ٿي 114 رپيا ڪول ۽  فائن اٽو 41 رپيا مهانگو ٿي115 رپيا ڪلو ٿي ويو. هن وقت اٽو 130 کان 150 رپيا ڪلو وڪامي رهيو آهي. جڏهن ته سرڪاري طور تي عوام کي رليف فراهم ڪندڙ يوٽيلٽي اسٽورز تي به مهانگائي آهي. يوٽيلٽي اسٽورز تي کنڊ 19 رپيا ڪلو، گيهه 75 رپيا ڪلو، اٽي جو 20 ڪلو وارو ٿيلهو 496 رپيا ڪلو مهانگو ڪيو ويو آهي.  جڏهن ته ملڪ جي معاشي صورتحال اها آهي جو ملڪي مٽاسٽا ناڻي جا ذخيرا اسٽيٽ بينڪ وٽ 6 ارب ڊالرز کان به گهٽجي 5 ارب 82 ڪروڙ 19 لک ڊالر رهجي ويا آهن. ڪمرشل بينڪن وٽ 5 ارب 88 ڪروڙ 53 لک ڊالرز موجود آهن، ائين اسٽيٽ بينڪ جا ذخيرا نجي بينڪن کان به گهٽ آهن. ملڪ اندر مجموعي ذخيرا 11 ارب 70 ڪروڙ ڊالر آهن. هاڻ هي صورتحال آهي جو ماڻهن کي کائڻ لاءِ اٽو به نه پيو ملي. هن سال ته جيئن تيئن ڪري گذارو ڪيو آهي پر ڪڻڪ جو هي فصل لهڻ بعد سنڌ ۾ اٽو 200 رپيا ڪلو ٿيڻ جو خدشو ظاهر ڪيو ويو آهي ڇاڪاڻ ته ڪڻڪ ئي 4 هزار رپيا مڻ يا 100 رپيا ڪلو هوندي ته پوءِ اٽو ڪيئن گهٽ قيمت ۾ ملندو. ان ڪري اسان جي حڪمرانن کي گذارش آهي ته اهڙيون پاليسيون اختيار ڪيون وڃن جو عام ماڻهو تي معاشي بار گهٽجي سگهي. امير ماڻهو ته پوءِ به گذارو ڪري ويندا پر وچولو طبقو ۽ غريب ماڻهو ڪيئن گذارو ڪندا؟ حڪومت کي انهن ماڻهن لاءِ به پاليسيون جوڙڻ گهرجن جيڪي بنهه غريب ته نه آهن پر پگهاردار طبقي سان واسطو رکن ٿا. ڇاڪاڻ ته انهن جو گذارو به هن دور ۾ تمام گهڻو مشڪل ٿي ويو آهي. حڪومت کي عوام دوست قدم کڻڻ گهرجن.