هالا(ن پ ا) جي ڊي اي ايم پي اي ميمبرشهر يار مهر هالا ۾ حاجي روشن دين مهر، ضميرحسين مهر،علي گل مهر جي دعوت تي مهر هائوس هالا پهتو، روزاني پنهنجي اخبار سان ڳالهائيندي شهريار مهر چيو ته عمران خان جي حڪومت پاران ملڪ ۾ وڌنڌڙ مهنگائي عوام سخت مشڪلاتن جو شڪار آهي، ملڪ ۾ وڌنڌڙ مهنگائي سبب ملڪ جي عوام پاران عمران خان سان محبت بجائي نفرت وڌي رهي آهي. هن چيو ته سنڌ ۾ حڪمراني ڪندڙ پيپلزپارٽي به سنڌ ۽ سنڌي قوم لاءِ مخلص نه آهي، انهن جي چونڊيل نمائندن، وزيرن صرف ۽ صرف پنهنجو پاڻ ٺاهيو آهي انهن به سنڌ جي عوام کان ڀٽو جي نالي تي ووٽ وٺندي پاڻ ٻاهرين ملڪن ۾ عياشيون ڪري رهيا آهن، هن چيو ته مڪاني چونڊن ۾ جي ڊي اي پاران پوري سنڌ مان پنهنجا اميدوار بيهاريندي پيپلزپارٽي جو ڀرپور مقابلو ڪندي. هن چيو ته مهر برادري ۾ جيڪي به اختلاف آهن اهي عارضي طور آهن جيڪي تمام جلد ختم ٿي ويندا.