مهانگائيءَ بابت شماريات واري وفاقي اداري جي رپورٽ

0
180
سنڌ کي ڀوتارڪي آڪٽوپس مان نجات ڏياري وڃي!

ملڪ ۾ مهانگائيءَ ماڻهن جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي. عام واهپي جون شيون عوام جي پهچ کان پري ٿينديون وڃن. ماڻهو ٻِٽي عذاب ۾ آهن. هڪ پاسي حڪومت هر کوٽ ۽ خسارو عوام مان پورو ڪندي انهن جي جيئڻ جا گس سوڙها ڪري رهي آهي ته ٻئي طرف مختلف مافيائون مهانگائي وڌائي عوام جو رت ست نپوڙي رهيون آهن. رڳو شماريات واري وفاقي اداري جا مهانگائيءَ جي حوالي سان انگ اکر ڏسجن ته به آسانيءَ سان اندازو ٿي سگهي ٿو ته عوام کي ڪهڙي نموني ڦُريو لُٽيو پيو وڃي. شماريات واري اداري طرفان جاري ڪيل رپورٽ موجب، ملڪ ۾ مهانگائي ۾ 0.20 سيڪڙو واڌ کان پوءِ ان جي مجموعي شرح 34.96 سيڪڙي تائين پهچي ويئي آهي. اٽي، کنڊ، چانورن سميت عام واهپي جي 19 شين ۾ واڌ ٿي آهي.

ملڪ ۾ مهانگائي ڏينهون ڏينهن وڌي رهي آهي ۽ حالت ان حد تائين وڃي پهتي آهي، جو ماڻهن لاءِ جسم ۽ روح جو رشتو برقرار رکڻ به مشڪل بڻجي ويو آهي. ماڻهو پنهنجي ٻچن کي هڪ ويلي جي ماني به نه پيا کارائي سگهن. مهانگائيءَ کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ حڪومت وٽ ڪو به مڪينزم نه آهي ۽ واپاري، بليڪ مارڪيٽنگ ۽ ذخيره اندوزي ڪندڙ عوام کي ٻنهي هٿن سان ڦُري رهيا آهن. اهي جڏهن به چاهين ٿا، طلب ۽ رسد کي غير متوازن ڪري مهانگائيءَ کي مهميزون هڻي ٿا ڇڏين. حد ته اها آهي ته اٽي جي اگهن تي به حڪومت جو ڪو ڪنٽرول ڪونهي، اٽو به مسلسل مهانگو ڪيو پيو وڃي. هڪ طرف حڪومت مهانگائيءَ ۾ اضافو ڪندي وڃي ته ٻئي طرف ڍري انتظامي گرفت جو فائدو وٺي ناجائز نفعي خوري ڪندڙ واپاري ۽ دڪاندار پنهنجي طرفان اگهه وڌائي رهيا آهن. عيد الاضحيٰ صرف ڏهاڪو کن ڏينهن جي وٿيءَ تي آهي ۽ جيئن جيئن عيد ويجهي اچي رهي آهي، مهانگائيءَ جو ڪانٽو سئو تي رکيو ويو آهي. عيد جا اسباب ته وڃي پري رهيا، پر مهانگائي ايتري ته وڌائي ويئي آهي، جو ماڻهن جي جيئاپي لاءِ ضروري بنيادي اسمن تائين به رسائي نه رهي آهي. غربت ۽ اڻهوند سبب خودڪشيون وڌي رهيون آهن. جيئڻ جي اذيت ايتري ته سرس ۽ سوائي ٿي ويئي آهي، جو ماڻهو زندگيءَ تي موت کي ترجيح ڏيڻ لڳا آهن. حڪومت عوام کي ڦرلٽ ڪندڙن جي رحم ۽ ڪرم تي ڇڏي ڏنو آهي. مهانگائي روڪڻ ڪنهن جو ڪم آهي، ان بابت ڪو واضح طريقيڪار ڪونهي. اها ذميواري خوراڪ کاتي ۽ ضلعي انتظاميا جي وچ ۾ فوٽبال بڻيل آهي ۽ بنان ڪنهن جواز ۽ سبب جي شيون مهانگيون ٿي رهيون آهن. ٻيو اهم مسئلو اسمگلنگ جو پڻ آهي، جنهن سان پڻ شين جي کوٽ پيدا ٿئي ٿي، جنهن ڪري پڻ اگهه وڌن ٿا. ڪڻڪ هجي يا چانور يا کنڊ ۽ ٻيون کاڌ خوراڪ جون شيون، اهي ملڪ جي اُلهندي سرحد ٽپي اڏامنديون وڃن. سمجهه ۾ نٿو اچي ته جڏهن سرحدن تي محافظ موجود آهن ته پوءِ اسمگلنگ ڪيئن ٿي ٿئي؟ اسمگلنگ روڪڻ ڪنهن جو ڪم آهي؟ هي ملڪ اڳ ئي فوڊ سيڪيورٽي جي حوالي سان گهڻي خراب صورتحال ۾ آهي، ويتر اسمگلنگ سان گهڻي ابتري ايندي.

اسان اڳ به هنن ئي ڪالمن ۾ اهو چوندا رهيا آهيون ته سرحدن جي چوڪسي سخت ڪرڻ کانسواءِ اسمگلنگ بند نه ٿي سگهندي. پاڪستان زرعي ملڪ آهي پر اهو اڳ ۾ ئي ڪڻڪ سميت زرعي جنسون روس جهڙن صنعتي ملڪن کان گهرائيندو رهيو آهي، جنهن تي پڻ مٽا سٽا جو ناڻو خرچ ٿئي ٿو، ۽ وري اهي ئي شيون اسمگلنگ ذريعي ٻاهر موڪليون وڃن ته ان کان ٻي افسوس جي ڳالهه ڪهڙي هوندي! هي ملڪ موسمي تبديلين کان گهڻو متاثر ٿي رهيو آهي. پاڻيءَ جي شديد کوٽ سبب زراعت تمام گهڻي متاثر ٿي آهي. سنڌ ته وڌيڪ نقصان ڀوڳي رهي آهي، جو ان کي پاڻيءَ جو انصاف ڀريو حصو نٿو ملي، جنهن ڪري هتي جي زراعت کي گهڻو هاڃو رسيو آهي. اهڙي صورتحال ۾ اسمگلنگ کي سختيءَ سان روڪڻ جي ضرورت آهي. سنڌ حڪومت جي وس وارن کي گذارش آهي ته مهانگائيءَ کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ تحرڪ ورتو وڃي. اٽي سميت عام واهپي جي شين جي اگهن ۾ واڌ کي روڪيو وڃي.