من جي آنڌ مانڌ

0
401

“هي جڳ جهوناڳڙهه آ جيڏا،
جوڳين جهڙو پنهنجو جيءُ،
هڪ ڏينهن هلندي وکري وڃبو،
پاڇن پويان پاڳل ٿِي”
اڄ ذهن جو ڪٿي به ڪو ٽِڪاءُ ڪونهي۽ من جو جوڳي بنواس جو تمنائي بڻجي دنياداري تياڳڻ لاءِ اتساهي رهيو آهي، پر هي من جسم جي قيد ۾ ڦاٿل آهي. آزاديءَ جا سپنا ڏسندي، آزاديءَ لاءِ زندگي جو رڻ جھاڳيندي زندگيءَ جي پوئين پهر ۾ پير پائي ورتو آهي ۽ دل ٿي چوي ته اڄ اوهان سان ڪي دل جون ڳالهيون ڪجن. هيڏانهن هوڏانهن جا حال احوال ڪجن ۽ بس! ڪالهه فيس بڪ جا ورق ورائيندي عاشق گوپانگ جي پوسٽ ۾ سمنڊ ڪناري واريءَ تي پيرن جي نشانن سان گڏ جوڳين جهڙو جيءُ پسي من جي آنڌ مانڌ وڌي وئي. عاشق جڏهن عاشق منصور گوپانگ هو تڏهن به سندس اوطاق تي اها ئي جيءُ جھوريندڙ صدا هئي ۽ اڄ به اسان جي من کي اها صدا الائي ڇو ڏاڍو موهي ٿي. آس و نراس جون اڻ کٽ منزلون اورانگھيندي عاشق جي سوچن تي نراسائيءَ جا پاڇا نمايان هوندا آهن. منهنجي من ۾ وري سدائين اميد جي مشعل پئي جلندي آهي. مان هميشه اميد پرست (Optimist) رهيو آهيان، جڏهن ته عاشق زندگيءَ جو زهر پي نراسيت جون ڳالهيون ڪندو آهي، پر جڏهن به جتان به کيس ڪو اميد جو ڪرڻو نظر ايندو آهي ته اتي پنهنجو تن، من، ڌن ارپڻ ڪندو آهي. ڪورونا جي پهرين لاڪ ڊائون دوران سيتا ولاس لاڙڪاڻي مان سنڌ واس فائونڊيشن طرفان شروع ڪيل راشن جي ڪم ۾ ته ايتري سختي ۽ ڊسيپلين ٿي قائم ڪيائين جومان هيڏي هوڏي ڪن ٿي ڪيا. جڏهن سنڌ واس اڪيڊمي آف آرٽس اينڊ ميوزڪ (سوام) جوڙي ته ان جي ذميواري به دل سان کنيائين. سنڌ جي قومي جدوجهد جي ڪٿا ڪا لاٽ ٻرندي نظر ايندي اٿس ته من ٿوري دير لاءِ اُتساهجي ويندو اٿس، پر يقين جي منزل ڏاڍي ڏُور ٿي لڳيس. اهو ئي حال اسان جي نسل جي انهن سڀني نوجوانن جو آهي، جن پنهنجي جواني آزادي ۽ انقلاب جي عشق کي ارپي هئي ۽ پوءِ انهن سڀني جو حال اهو ئي ٿيو جنهن جي عڪاسي آڪاش پنهنجي شاعريءَ ۾ ڪئي آهي ته “ اسين بس رهياسين اڌورا اڌورا.”
هن عيد تي لاڙڪاڻي ۾ ڪچهري ڪندي عاشق کي چيم ته “هينئر سنڌ جيڪا سياسي ڪارڪنن جي بحريه جي اسيرن جي وارثي ڪئي آهي تهڙي اڳ ڪڏهن ڪونه ٿي. ڇا وڪيل، ڇا سول سوسائٽي، ڇا سياسي پارٽين، سڀني پاڻ ملهايو. پنهنجي دور ۾ ته ڪوئي گرفتار ٿيندو هو ته سندس وارث ئي پيا در در ڀٽڪندا هئا. ڏس، تون ٻه سال جيل ۾ هئين ته مان به توسان ملڻ نه آيو هئس. هاڻ ته زين شاهه پاڻ سندن وارثي ڪرڻ لاءِ گرفتاري پيش ڪري سڀني جو ڪيس لڙي رهيو آهي!
پر اڃان به اسان اهڙي دور ۽ ڪيفيت منجھان گذري رهيا آهيون جو جتي هڪ گھڙي اميدن جا ڏيئا روشن ٿين ٿا ته ٻي گھڙيءَ بي يقيني جي ڪيفيت طاري ٿي وڃي ٿي ته وري هن ڀيري به ڪا ويساهه گھاتي ته نه ٿي ويندي. اسان کي پنهنجو پاڻ سان ته گھٽ ۾ گھٽ سچ ڳالهائڻ گھرجي. اسان جڏهن لاهور ۽ اسلام آباد وڃون ٿا ته آزاديءَ جي نعرن جي گونج ۾ اسان جو استقبال ٿئي ٿو ۽ پنجاب جا ڪامريڊ اسان جا همدرد ۽ ساٿي بڻجن ٿا پر هتي ڪڏهن ميارن جا دفتر ٿا کلن ۽ ڪڏهن تاريخ جا عجيب غريب نوان مارڪسي انڪشاف ٿا ٿين ته سنڌ جي جديد قومپرستي جو بانيڪار جي ايم سيد نه پر شهيد الله بخش سومرو آهي. هيءَ به عجيب مسخري آهي ته جڏهن سياست تي هر طرف رجعت پسند ۽ عوام دشمن قوتون ڇانيل هجن تڏهن ترقي پسند ۽ قومپرست قوتن کي متحد ۽ منظم ڪرڻ بدران وري ان ۾ انتشار ۽ نفاق ڦهلائڻ جهڙا ڦٽاڪا ڇوڙجن، سي به مارڪسزم ليننزم جي خاني ۾! دل سان ڪوشش پئي ڪئي ته سنڌ سطح تي ۽ ملڪي سطح تي عوام دوست ۽ قوم دوست قوتن جو ڪو مضبوط محاذ جوڙجي پر اڃان وک وڌائجي ئي ٿي ته پنهنجا ئي ترا ڪڍي ٿا ڇڏين. سو هي من به ڪڏهن ماڪوڙو آهي ته ڪڏهن شينهن.
مزاحمت ۽ مفاهمت جو جهيڙو رڳو پنجاب ۾ ناهي، سنڌ ۾ به آهي ۽ شايد هر ماڻهوءَ جي من ۾ آهي. مزاحمت جهڙو رومانس مفاهمت ۾ ته ٿي نٿو سگھي. ها! باقي دنياداريءَ جا سک آرام ملي ٿا وڃن. پر جي انهن جي ئي تمنا ڪرڻي آهي ته قومي ۽ طبقاتي جدوجهد آزادي ۽ انقلاب جو راڳ ڇو!؟ دنياداريءَ ته اسان جو دين ايمان ئي وڇائي ڇڏيو آهي. هر طرف نفسا نفسي آهي. پئسي پويان ڊوڙ آهي، سستي شهرت ۽ طاقت جي حاصلات لاءِ اخلاقيات جون سڀ حدون لتاڙي ويون آهن. هي طوفان بدتميزي ختم ٿيندي ٿيندي نه ڄاڻ ڪنهن ڪنهن جو ساهه نپوڙي ڇڏيندو!
اڄ هن تي عجيب نراسائيءَ واسو ڪيو آهي ۽ مان اهڙي ڪيفيت ۾ رڳو پنهنجي ڊائرين ۾ لکندو آهيان ته نه ڄاڻ ڇو اڄ اوهان سان به هن جي اها ڪيفيت ونڊي رهيو آهيان. هونئن ته هميشه سوچي سمجھي لکندو آهيان ته مايوسي، نراسائي، شڪن ۽ وسوسن جي هن دور ۾ به مون کي هميشه اميد جي مشعل ٻاري رکڻي آهي ۽ نا اميديءَ کي ڏُور ڀڄائڻو آهي پر وقتي نراسائيءَ جي ڪيفيت به ته من جو سچ آهي نه ۽ سچ اورڻ ۾ ڪهڙو پُور “ڏُور ٿيندا وڃن روز جوڳيئڙا، تون اڃان پيو جيئين هاءِ ڙي جيئڙا”.
الائجي ڇو اياز جون اهي سٽون پنهنجي روح جي صدا معلوم ٿينديون آهن. هن ڪورونا به ڪيترا پنهنجا پيارا کسي ورتا آهن، اوچتو ئي اوچتو ۽ خبر ناهي سڀاڻي ڪنهن جو واروآهي. پر پنهنجي هن اميد پرست ذهن ۽ عشق جي ڌُن ۾ مگن هن کي سدائين اها آس رهي ٿي ته “مون نه ڄاتو ته اي سج جهڙا پرين، روز پاتا پئي تو لڪي ليئڙا” آزادي جو سج ته روز لڪي ليئڙا پائي ٿو من ۾ پر اسين ئي ڳڻتيءَ جا ڳهڻا پهري، اميدن کي ڏُور اُماڻيون ٿا.
سماجواد ۾ هڪڙو عنوان دل کي وڻيو، “معنيٰ جي ڳولا ۾ ” جهڙو عنوان آهي اهڙو ئي مضمون، نازي ڪئمپ ۾ هڪ نفسياتدان جي گھاريل عذابناڪ زندگيءَ جو بيان. وڪٽر اِي فرينڪل Man’s Search For Meaning ۾ لکي ٿو “(نازي ڪئمپ ۾) زندگيءَ ۾ پهريون دفعو مون کي سچ نظر آيو. اهو سچ جيڪو ڪيترن شاعرن پنهنجي گيت ۾ ٻڌايو هو يا ڪيترن مفڪرن پنهنجي فڪر ۾ ان کي آخري ڏاهپ قرار ڏنو هو. اهو سچ ته عشق آخري ۽ عظيم مقصد آهي، جنهن جي انسان خواهش ڪري سگھي ٿو. ان کانپوءِ مون کي انسانن جي شاعري، فڪر ۽ عقيدي جو تمام وڏو راز سمجهه ۾ اچي ويو. اهو راز هي آهي ته انسانيت جي نجات عشق ذريعي عشق ۾ ئي ممڪن آهي”. نازي ڪئمپ ۾ معصوم انسانن تي وحشي انسانن جو غلبو هو پر گوتم ٻڌ ته سچ جي تلاش ۾ پنهنجي نفس تي قابو ڪندي جيڪو پاڻ مٿان تشدد ڪيو تنهن مان به کيس اهو ئي علم ۽ گيان حاصل ٿيو ته “ نفرت کي نفرت سان نه محبت سان ئي ختم ڪري سگھجي ٿو”. ۽ هتي اسين آهيون مها انقلابي، جيڪي ننڍين وڏين انائن تي عشق کي قربان ڪري نفرت جا شهسوار بڻجي ٿا وڃون ۽ وري به اميد ٿا رکون آزادي ۽ انقلاب جي! پيار جي سلي کي ته اسان اُسرندي ئي چٿي ٿا ڇڏيون ۽ اميد ٿا رکون پيار جي، امن جو فصل لڻڻ جي”. ڇا اسان جي مَتِ ماريل ناهي!؟ سياست کي ڪاروبار بڻائي ڇڏيندڙ بدروحن کي ڪهڙي ميار ڏجي، اهي ته آهن ئي انسانيت جا قاتل ويري، پر اسان هنن پنهنجن کوهه جي ڏيڏرن کي ڇا ڪيون جيڪي پنهنجي انائن جي کڏ ۾ ڪريل آهن. کين لڳي ڪا عشق جي لوري جو چڙهي پار پون. سياست تي هلڪڙائپ ۽ خصيص پڻي جو راڄ ڏسي ڪيئي ڀيرا دل چوندي آهي ته جيڪر جوڳ وٺجي، سنياس وٺجي. هن بي رحم سياست جي دنيا ۾ پنهنجو ڪهڙو ڪم ۽ ڪمال ته وري اسان جي غير سياسي خلق به ڏيکاريندي آهي. سدائين پيا چوندا، “هن وقت تائين ڇا ٿيو آهي جو اڳتي ڪجھه چڱو ٿيندو. اجايو پيا وقت وڃايو! تڏهن من ۾ اها ئي سِٽ پئي سَٽَ ڏيندي آهي ته “جنين ڪاڻ مياس، ڪلهي ڪانڌي نه ٿيا.”
پوءِ خيال ايندو آهي ته هيءَ سڄي جيءَ جي جاکوڙ اسين ڪنهن لاءِ پيا ڪيون!؟ ۽ پوءِ وري لطيف ۽ سيد اچي آٿت ڏيندا آهن ته “جيها ڪي تيها، مارو مون مڃيا” عشق جي آڳ ته ٻاروتڻ کان پنهنجي من ۾ لڳل آهي. هنن ته اسان تي اهو بار ڪونه رکيو آهي. اسان پاڻ ئي پنهنجي من ۾ عشق جي جوت جلائي ويٺا آهيون. هاڻي هڪ ڏينهن هلندي وکري وڃبو پاڇن پويان پاڳل ٿي يا ڪا جڳ ۾ جوت جلائي وينداسين. ٻي خبر ناهي پر مرڻ کانپوءِ توسان گڏجڻ جون حسرتون رهنديون!
جڏهن به جوڳ ۽ سنياس جي تمنا ڪَرَ موڙيندي آهي ته گوتم ۽ مهاوير جي ياد وري ايندي آهي. يعني جوڳ ۽ سنياس به سچ جي جوت جلائڻ لاءِ. ڀلا ڪپل وستو جي شهزادي سڌارٿ کي ڪنهن چيو هو ته هو شاهي محل ۽ راڄ ڀاڳ جا سک ڇڏي سچ جي تلاش ۾ تياڳ ۽ بنواس ڀوڳي. هيءَ پنهنجي ڪرڻي ڀرڻي آ. ٻُڌَ جو اسٽوپا ته موهن جي دڙي مان به نکري نروار ٿيو آهي پر جين مندرن جا نشان اسان کي رڳو ٿر ۾ ئي ملن ٿا. هي جين مت جو مهاوير به عجب هستي هو. گوتم کان به اڳ بهار جو شهزادو ورڌمان پنهنجا شاهي عيش آرام ڇڏي ٽيهن ورهين جي عمر ۾ جوڳي سنياسي ٿيو. ٻارهن سال هن گھري خاموشي ۽ مراقبي ۾ گذاريا ۽ ان کانپوءِ هن اگھاڙي پيرين 30 سال سڄي هندستان ۾ سفر ڪري پنهنجي سچ جو پرچار ڪيو. هن جيڪو سچ محسوس ڪيو اهو هن سڀني لوڪن کي ٻڌائڻ چاهيو. ان دوران هن سڀني سان محبت ڪئي. جن ۾ اهو غريب، بادشاهه، شهزادا، پروهت، اڇوت، برهمڻ ۽ عام ماڻهو سڀ شامل هئا. رابرٽ وين ڊي ويئر جو اردو ۾ ترجمو ٿيل ڪتاب “ شنئوازم اور جين مت” هٿن ۾ آهي ۽ دل ٿي چئي ته توهان سان اڄ مهاوير جون ڪجھه ڳالهيون اوريان. مهاوير سڀ کان پهرين ان اصول تي عمل پيرا ٿيو ته زنده مخلوق کي، وڻن کي، ٻوٽن کي ۽ پکين کي نقصان ناهي پهچائڻو. مهاوير نيڪ رستي جي تبليغ ڪئي. جين مت ۾ انسان جي آزادي ئي سڀ کان وڏو مقصد آهي. مهاوير پهرين مرحلي ۾ ٻڌائي ٿو ته ذاتي مفادن کي ختم ڪري پنهنجو پاڻ کي پاڪ صاف ڪيو، ان کانپوءِ اخلاقي اصولن تي ڪاربند ٿيو ۽ اعليٰ سچائي تلاش ڪريو.
599 قبل مسيح ۾ جنم وٺندڙ مهاوير اڄ کان اڍائي هزار سال اڳ پنهنجي دريافت ڪيل سچ جو پرچار ڪندي چوي ٿو ته هيءَ ڪائنات سدائين کان آهي ۽ ڪائناتي اصولن مطابق سدائين لاءِ رهندي. هيءَ ماضيءَ ۾ به قائم هئي ۽ مستقبل ۾ به قائم رهندي. مادي جي بقا جو قانون بيان ڪندي جين مت ۾ ٻڌايو وڃي ٿو ته هتي نه ته ڪا شيءَ گم ٿئي ٿي ۽ نه تباهه ٿئي ٿي. هتي سڀ شيون رڳو شڪليون تبديل ڪنديون رهن ٿيون. مهاوير عدم تشدد ۽ سچ جو پرچارڪ آهي. هو روح جي آزاديءَ کي حقيقي آزادي قرار ڏئي ٿو، جيڪا روح جي پاڪيزگيءَ بنا ممڪن ناهي. هو هر قسم جي تشدد کان روڪي ٿو. رڳو جسماني تشدد کان نه پر گڏو گڏ زبان جي تشدد کان به. هو چئي ٿو “پنهنجي عمل ذريعي ڪنهن کي تڪليف پهچائڻ، ڪنهن کي ڪائي به جسماني تڪليف پهچائڻ بلڪه ڪنهن جي متعلق برو سوچڻ به غلط آهي.”
مهاوير چوي ٿو ته سچ ڳالهائڻ لاءِ اخلاقي جرئت جي ضرورت هوندي آهي ۽ فقط اهي ماڻهو ئي سچ ڳالهائي سگھندا آهن جيڪي لالچ، خوف، غصي، ساڙ ۽ تڪبر تي قابون پائيندا آهن. هو چئي ٿو ته سچ سان ئي ڀرپور خوشي ملندي آهي! سچ کي پنهنجي گفتگو ۽ عمل ۾ مڪمل طور شريڪ رکو. سچ کي ذهن ۾ به مڪمل طور رکو ۽ ٻين کي به سچ جي تلقين ڪيو. پر هتي سچ شجر ممنوع ٿي ويو آهي. رڳو حاڪم نه محڪوم به چون ٿا سياست ۾ سچ ڪيئن ٿو ڳالهائي سگجي،
اها ته سراسر بيوقوفي ٿيندي!!! جنهن سياست جو بنياد ئي ڪوڙ تي هوندو ته اتي ته برابر سچ نٿو ڳالهائي سگھجي، پر ڇا اهو پڇي سگھجي ٿو ته سائين جي ايم اسيد ۽ ڪامريڊ حيدربخش جتوئي پنهنجي سموري سياسي زندگيءَ ۾ ڪڏهن ڪو ڪوڙ ڳالهايو؟ جي جواب نه ۾ آهي ته پوءِ پڪ سمجھو ته سچي سياست ۾ ڪوڙ جي ڪا گنجائش موجود ڪونهي ۽ سچ بنا آزادي ۽ انقلاب جي اميد رکڻ پاڻ کي دوکي ۾ رکڻ کان سواءِ ڪجھه به ڪونهي. جھڙو حال حبيبان، تهڙو پيش پريان.